اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان مراڪش ۾ پاڪستان جي سفير حامد اصغر خان ملاقات ڪئي. سفير اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد ۾ پاڪستان ۽ مراڪش جي وچ ۾ تعاون جي مختلف شعبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وفاقي وزير پاڪستان جي سفير کي چيو ته هو رباط واپسي تي قومي خابرو ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ مغرب عرب پريس (ايم اي پي) جي وچ ۾ معلومات جي مٽاسٽا جي معاهدي تي صحيحون ڪري. مغرب عرب پريس مراڪش جي قومي نيوز ايجنسي آهي، وفاقي وزير سفير کي چيو ته هو مغرب عرب پريس جي ڊائريڪٽر جنرل خليل هاشمي ادريسي کي سندس پاران پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏي، مراڪش ۾ پاڪستاني سفير اطلاعات واري وفاقي وزير کي ٻڌايو ته مغرب عرب پريس جي ڊائريڪٽر جنرل ادريسي پنهنجي دوري جي دوران اسلام آباد ۾ مغرب عرب پريس جي مقامي نمائندي جي مقرري جو ارادو ظاهر ڪيو هو، مراڪش ۾ پاڪستان جي سفير رهنمائي ۽ تعاون تي وفاقي وزير جو ٿورو ادا ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي سفير چيو ته ڄاڻايل قدم حڪومت جي ”انگيج آفريقا“ پاليسي کي سگهه ڏيندا، هن چيو ته پاڪستان ۽ مراڪش جي ٻه قومي نيوز ايجنسين جي وچ ۾ معلومات جي آزاداڻي مٽاسٽا سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپار، سياحت، سيڙپڪاري ۽ موقعن جي باري ۾ آگاهي کي فروغ ملندو.