APP67-010721 ISLAMABAD: July 01 - President Dr. Arif Alvi addressing the Convocation Ceremony at National Defence University. APP

اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان تيزي سان بدلجندڙ دنيا ۾ ايندڙ عالمي فڪري انقلاب ۾ مضبوط گرفت بڻائي هڪ طاقت جي طور تي اڀري سگهي ٿو، سائبر دنيا ۾ تبديلي سان فوجي ۽ عوامي شعبن بابت حڪمت عملين ۾ ڦيرڦار ڏٺي وئي آهي جيڪا ملڪ جي سائبر سيڪيورٽي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ ۽ صورتحال مان وقت سر فائدو کڻڻ جي سلسلي ۾ تيارين جي گهرجائو آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اهميت جي پيش نظر پاڪستان کي چوٿين صنعتي انقلاب مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، جيڪو ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هو نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) جي ڪانووڪيشن تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ڪورس ۾ پاڪستان ۽ ٻين دوست ملڪن سميت بحرين، بنگلاديش، مصر، انڊونيشيا، ايران، عراق، اردن، سعودي عرب، نيپال، نائيجريا، سريلنڪا ۽ متحده عرب امارات جا فوجي آفيسر شريڪ هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان لاءِ ڪاميابي جو مختصر ترين رستو حاضر دور جي فڪري تبديلي ۾ آهي، آئون پاڪستان جي حوالي سان تمام گهڻو پُراميد آهيان جيڪو جديد علوم سان گڏوگڏ همدردي جي جذبي ۽ اخلاقيات تي ٻڌل فيصلن جي ذريعي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان جي عوام مشڪل حالتن کي پنهنجي حق ۾ بدلائڻ جو حوصلو رکي ٿي، هن 1974ع ۾ ڀارت جي جوهري ڌماڪي جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان مختصر مدي ۾ پنهنجي مضبوط عزم ۽ ارادن جي ڪري طاقت کي برقرار رکڻ لاءِ جوهري ملڪ جي فهرست ۾ پنهنجو نالو داخل ڪرايو، اهو ان ڳالهه جو عڪاس آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ معجزا ڏيکارڻ جي صلاحيت رکي ٿي، صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان عصري علوم جي مدد سان عالمي دنيا ۾ اڀري سامهون ايندو. هن چيو ته دنيا ۾ ٻين ملڪن جي خلاف جنگين جو جواز پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوڙين خبرن جو سهارو ورتو ويو، ماضي ۾ قومن جي وچ ۾ دشمنيون ڪوڙين خبرن جي بنياد تي پيدا ڪيون ويون، صدر چيو ته عراق ۾ وڏي پئماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي موجودگي جي حوالي سان غلط رپورٽس جي بنياد تي لکين بي گناهه ماڻهو ماريا ويا، صدر عارف علوي چيو ته اسلام ڪوڙيون ۽ اڻ تصديق ٿيل خبرون پکيڙڻ جي سختي سان حوصلا شڪني ڪري ٿو ڇو ته اها معاشري ۾ اتفراتفري آهي، بي يقيني ۽ تباهي جو ذريعو ثابت ٿينديون آهن. ڀارت ۾ يورينيم جي غير قانوني ڪاروبار جو حوالو ڏيندي صدر افسوس جو اظهار ڪيو ته ان معاملي تي حقيقي اطلاع هجڻ جي باوجود هيستائين عالمي سطح تي ڪو به ايڪشن نه کنيو ويو. اها صورتحال مختلف ملڪن لاءِ دنيا جي ترجيحي ۽ جانبداراڻي سلوڪ جي عڪاسي ڪري ٿي، ڪووڊ – 19 جي صورتحال جي حوالي سان صدر چيو ته وبا تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪاميابي، حڪومت جي سمارٽ حڪمت عملي ۽ معاشري ۾ غريب ۽ ڪمزور طبقن لاءِ احساس تي ٻڌل فيصلن جي ذريعي ممڪن ٿي، صدر عارف علوي پاڪستان ۽ ٻين دوست ملڪن سان تعلق رکندڙ ملٽري گريجوئيٽس کي پنهنجو ڪورس ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي صدر ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اين ڊي يو ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ تنقيدي سوچ ۽ تحقيق تي ٻڌل علم کي فروغ ڏيندي پاڻ کي سکڻ لاءِ اعليٰ اداري جي طور تي ثابت ڪيو آهي، ان کان اڳ صدر نيشنل ڊفينس يونيورسٽي مان پاس ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۾ سندون ورهايون.