اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوامي جمهوريه چين جي ڪميونسٽ پارٽي (سي پي سي) جي صد ساله تقريب جي موقعي تي چين جي صدر شي جن پنگ کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت مان جاري بيان موجب وزيراعظم عوامي جمهوريه چين جي صدر ۽ سي پي سي جي سينٽرل ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري کي صد ساله تقريب جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام موڪليو آهي، وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سي پي سي جي قيام سان عالمي تاريخ تي ڏور رس اثر پيا آهن، هن چين جي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي قيادت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته چين جي آزادي ۽ ان جي ترقي ڪميونسٽ پارٽي جي قربانين ۽ ڪوششن جو نتيجو آهي، وزيراعظم عمران خان چيني عوام جي ڀلائي ۽ ترقي خاص طور تي غربت جي خاتمي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته چيني صدر شي جن پنگ جي دانشمنداڻي ۽ متحرڪ قيادت ۾ چيني قوم جي عظيم الشان تجديد طرف مارچ جاري رکندو. وزيراعظم پاڪ چين دوستي کي فروغ ڏيڻ ۾ سي سي سي جي ڪردار کي به ساراهيو، هن چيو ته 2021ع پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه جو سال آهي، وزيراعظم ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو جنهن جي ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام خواهشمند آهي