
اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي ميمبر نوابزاده شاهه زين بگٽي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر ۽ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم جي بلوچستان تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ويزن تحت جاري ترقياتي منصوبن، موجوده حڪومت جي تاريخي بلوچستان پئڪيج ۽ بلوچستان جي ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي حوالي سان قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.