اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ جهڙي طرح مخالف ڌر جي آواز جو گلو دٻايو ويو، منهنجي راءِ آهي ته سنڌ ۾ زرداري آمريت قائم آهي، وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ 8 ميمبرن کي اسيمبلي ۾ داخل ئي ٿيڻ نه ڏنو ويو، اها بدترين آمريت آهي.