اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسجدن ۾ اهم سماجي موضوعن تي اسلامي تعليم واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عالم سڳورا وراثت ۾ عورتن جي حقن، وڌندڙ آبادي ۽ صحت جي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي وفد جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي قيادت ۾ …
عالم سڳورا عورتن جي حقن، وڌندڙ آبادي ۽ صحت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن: صدر

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسجدن ۾ اهم سماجي موضوعن تي اسلامي تعليم واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عالم سڳورا وراثت ۾ عورتن جي حقن، وڌندڙ آبادي ۽ صحت جي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي وفد جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي قيادت ۾ ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته عالم سڳورا مسجدن جي ذريعي ماڻهن ۾ اهم سماجي موضوعن تي اسلام جي تعليم واضح ڪن، اسلام سڀ کان پهرين عورتن کي وراثت جو حق ڏنو، عالم سڳورا وراثت ۾ عورتن جي حقن تي مسجدن جي ذريعي ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪن، هن چيو ته عالم سڳورا وڌندڙ آبادي ۽ صحت جي مسئلن بابت ماڻهن کي تعليم ڏين، هن چيو ته عالم سڳورا معاشرتي سڌارن ۽ اخلاقي قدرن جي فروغ لاءِ ڪم ڪن، عالم ممبر ۽ محراب جي ذريعي بين المذاهب ۽ بين المسالڪ هم آهنگي کي فروغ ڏين، عالم سڳورا ڪورونا دوران ماڻهن کي آگاهي پيدا ڪرڻ، ايس او پيز تي عملدرآمد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر سمورين روهيت هلال ڪميٽين کي فعال بڻائڻ تي چيئرمين، مرڪزي روهيت هلال ڪميٽي جي ڪردار کي ساراهيو، ملاقات ۾ مرڪزي روهيت هلال ڪميٽي، زونل روهيت هلال ڪميٽي جي ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي.











