اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جديد اوزارن مان فائدو کڻندي ماکيءَ جي پالنا ڪندڙن جي جديد رخن تي تربيت ذريعي پاڪستان ۾ ماکيءَ جي پيداوار وڌائڻ جي ضرورت آهي، نوجوان محدود سيڙپڪاري سان ماکيءَ جُون مکيون پالڻ ۽ ماکيءَ جو ڪاروبار شروع ڪري سگهن ٿا. هو ايوان صدر ۾ ماکيءَ جي مکيون پالڻ بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو …
ماکيءَ جي پالنا ڪندڙن جي جديد رخن تي تربيت جي ضرورت آهي: صدر

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جديد اوزارن مان فائدو کڻندي ماکيءَ جي پالنا ڪندڙن جي جديد رخن تي تربيت ذريعي پاڪستان ۾ ماکيءَ جي پيداوار وڌائڻ جي ضرورت آهي، نوجوان محدود سيڙپڪاري سان ماکيءَ جُون مکيون پالڻ ۽ ماکيءَ جو ڪاروبار شروع ڪري سگهن ٿا. هو ايوان صدر ۾ ماکيءَ جي مکيون پالڻ بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمارن ڊار، پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد عظيم خان، پاڪستان مگس بان ۽ هني ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر نعيم قريشي، جنرل سيڪريٽري نوروز خان، موسمياتي تبديلي واري وزارت، غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، واپار واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جي سينيئر عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ملڪي آبهوا ۽ نباتات مگس باني جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪن ٿا، مگس باني جي شعبي ۾ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۽ نوجوانن کي روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي. هن چيو ته نوجوان محدود سيڙپڪاري سان مگس باني ۽ ماکيءَ جو ڪاروبار شروع ڪري سگهن ٿا، حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوان ڪاروباري ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. صدر وڌيڪ چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت حڪومت نوجوانن کي ڪاروبار جي لاءِ 500000 رپين تائين بنا وياج جي قرض ڏئي رهي آهي، نوجوان پنهنجي ڪاروبار جي لاءِ انهن موقعن مان فائدو کڻن. ان کان اڳ ماحولياتي تبديلي واري وزارت ۽ باراني يونيورسٽي پاران اجلاس کي ملڪ ۾ مگس باني جي فروغ لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. خيبرپختونخواهه جي ٻيلي کاتي جي چيف ڪنزرويٽر علي گوهر اجلاس کي ٻڌايو ته ٻيلي کاتي پاران صوبي ۾ ماکيءَ جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ٻير جا 60 لک وڻ ۽ ٻيا هڪ ڪروڙ وڻ لڳايا ويندا.











