اڳوڻي قبائلي ضلعن جي ترقي حڪومت جي ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي قبائلي ضلعن جي ترقي حڪومت جي ترجيح آهي، چاهيون ٿا ته اڳوڻن قبائلي ضلعن جا شهري مڪمل طور تي قومي ڌارا ۾ شامل ٿين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڳوڻي قبائلي ضلعن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن گل داد خان، گل ظفر خان، ساجد خان، محمد اقبال خان، ملڪ فخر زمان خان ۽ جواد …

اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي قبائلي ضلعن جي ترقي حڪومت جي ترجيح آهي، چاهيون ٿا ته اڳوڻن قبائلي ضلعن جا شهري مڪمل طور تي قومي ڌارا ۾ شامل ٿين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڳوڻي قبائلي ضلعن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن گل داد خان، گل ظفر خان، ساجد خان، محمد اقبال خان، ملڪ فخر زمان خان ۽ جواد حسين سان ڳالهائيندي ڪيو، جن ساڻس ملاقات ڪئي. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق قادري پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي قبائلي ضلعن جي ترقي اولين ترجيح آهي، چاهيون ٿا ته اڳوڻن قبائلي ضلعن جا شهري مڪمل طور تي قومي ڌارا ۾ شامل ٿين.

مزید خبریں