اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وادي ناران ۽ ڪاغان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي پهتو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ناران ۾ ترقياتي منصوبن کانسواءِ مانسهره ۾ صوبائي حڪومت ۽ ڪاغان ڊولپمينٽ اٿارٽي جي مختلف منصوبن جو افتتاح ڪندو، وزيراعظم دريا جي ڪناري ديودر جا وڻ لڳائڻ ۽ انهن جي تحفظ جي منصوبي جو افتتاح ڪندو، انهن قدمن …
وزيراعظم عمران خان وادي ناران ۽ ڪاغان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي پهتو

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وادي ناران ۽ ڪاغان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي پهتو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ناران ۾ ترقياتي منصوبن کانسواءِ مانسهره ۾ صوبائي حڪومت ۽ ڪاغان ڊولپمينٽ اٿارٽي جي مختلف منصوبن جو افتتاح ڪندو، وزيراعظم دريا جي ڪناري ديودر جا وڻ لڳائڻ ۽ انهن جي تحفظ جي منصوبي جو افتتاح ڪندو، انهن قدمن سان دريا جا ڪنارا مضبوط ٿيندا وڻن سان دريا ۾ ٽرائوٽ مڇين لاءِ قدرتي خوراڪ فراهم ٿيندي. وزيراعظم عمران خاان هڪ تقريب ۾ ڪميونٽي ريور ريجنرز کي موٽر بائيڪل حوالي ڪندو. پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪميونٽي ريور ريجرز فورس متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن تحت مقامي ماڻهو غير قانوني ماهيگيري جي نگراني ڪندا، ڪميونٽي رينجرز ڪاغان ڊولپمينٽ اٿارٽي تحت دريا ڪنهار ۽ ڍنڍن جي نگراني تي مقرر هوندي، منصوبي تحت ٽرائوٽ مڇي جي نسل کي وڌائڻ لاءِ دريا ڪنهار، سيف الملوڪ ڍنڍ ۽ دودي پت سر ڍنڊ ۾ ٻن سالن لاءِ مڇي جي شڪار تي پابندي هوندي، وزيراعظم سياحن لاءِ ايمرجنسي ريسپانس سروس جي غرض سان ڪاغان ڊولپمينٽ اٿارٽي کي سمورين سهولتن سان آراسته هڪ ايمبولينس ڏيندي جيڪا وادي ڪاغان جي 170 ڪلوميٽر ۾ ڪنهن به ايمرجنسي ۾ فرسٽ ايڊ جي سهولت ميسر ڪندي، ناران ۽ اپر ناران جي علائقن ۾ سياحن جي سهولت ۽ آرام لاءِ سياحتي مقاڳ بڻايا ويا آهن جڏهن ته صفائي سٿرائي جا انتظام به ڪيا ويا آهن.











