اسلام آباد - 27 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ڪشمير ڪاري ڏينهن تي خاص طور تي ڪشميري عورتن ۽ ٻارن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڪشميري عورتن ۽ ٻارن جي مشڪلاتن، حقن ۽ مستقبل کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال بابت عالمي ڪوششن ۾ مرڪزي اهميت …
خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاران ڪشمير ڪاري ڏينهن تي ڪشميري عورتن ۽ ٻارن سان يڪجهتي جي اظهار
اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ڪشمير ڪاري ڏينهن تي خاص طور تي ڪشميري عورتن ۽ ٻارن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڪشميري عورتن ۽ ٻارن جي مشڪلاتن، حقن ۽ مستقبل کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال بابت عالمي ڪوششن ۾ مرڪزي اهميت ڏيڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميري عوام جي جائز حقن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ڪشمير ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع اهو ڏينهن هو جڏهن ڀارتي فوج سرينگر ۾ داخل ٿي جنهن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي لاءِ ڊگهي عرصي تي ٻڌل مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي شروعات ٿي. هن چيو ته ڪشميري عورتن شديد نقصان ۽ مشڪلاتون برداشت ڪيون آهن، انهن مان ڪيتريون ئي عورتون پنهنجي گهروارن ۽ ٻين گهرڀاتين جي گمشدگي يا لاڏاڻي کانپوءِ اڪيلي پنهنجي ٻارن جي پرورش ڪرڻ تي مجبور ٿيون آهن، پنهنجي پٽن کي وڃائيندڙ مائرون، والد جي ڇانوَ کان محروم ٻارڙيون ۽ پنهنجي پيارن بابت جواب ۽ انصاف جون منتظر عورتون ان ڳالهه جون مستحق آهن ته انهن جو آواز ٻڌو وڃي، انهن سمورين مشڪلاتن جي باوجود ڪشميري عورتون پنهنجي خاندانن جي سارسنڀال، پنهنجي برادرين جي مدد ۽ پنهنجي ٻارن جي بهتر مستقبل جي لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهيون آهن. خاتون اول چيو ته ان تڪرار جا ٻارن تي به انتهائي تڪليف ڏيندڙ اثر پيا آهن، ڪيترائي ٻار غيريقيني واري صورتحال، خوف ۽ تعليم سميت روزاني جي زندگي ۾ خلل جي ماحول ۾ وڏا ٿي رهيا آهن، هر ٻار کي اسڪول وڃڻ، مناسب طبي سهولتون حاصل ڪرڻ، محفوظ ماحول ۾ کيڏڻ ۽ ان اعتماد سان وڏي ٿيڻ جو حق حاصل آهي ته ان جو مستقبل خوف بدران موقعن سان ڀريل هوندو. هن زور ڀوري ته ڊگهي تڪرار جي ٻارن تي پوندڙ جذباتي ۽ نفسياتي اثرن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. انهن جا تجربا عالمي برادري، انساني حقن جي تنظيمن ۽ گڏيل قومن جي سنجيده ڌيان جا گهرجائو آهن. بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته خاتون اول جي حيثيت سان هوءَ هر ان ڪشميري ماءُ، ڌيءَ ۽ ٻار سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي جنهن جي زندگي ان تڪرار کان متاثر ٿي آهي. عورتن ۽ ٻارن جي مشڪلاتنک ي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جو بنيادي حصو رهڻ گهرجي، انهن جي حقن، تحفظ ۽ مستقبل کي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي ڳولا کان جدا نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع جي واقعن کي اٽڪل 7 ڏهاڪا گذري وڃڻ جي باوجود ڪشميري عوام جو خودمختياري جو حق جنهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ تسليم ڪيو ويو آهي، تي اڃا تائين عمل ناهي ٿيو. ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار کي ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي روشني ۾ حل ڪيو وڃي، پاڪستان ڪشميري عوام جي جائز حقن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. خاتون اول چيو ته هن ڏينهن هوءَ خصوصي طور تي انهن مائرن کي ياد ڪري ٿي جيڪي اڄ به پنهنجي پيارن جي واپسي جون منتظر آهن، انهن عورتن کي جيڪي پوري خاندانن جون ذميواريون کنيون آهن ۽ انهن ٻارن کي جن جو مستقبل اڃا به غيريقيني جو شڪار اهي، انهن جي قربانين کي وسارڻ نه گهرجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن ڪشميري مائرون پنهنجي ٻارن جي پرامن ماحول ۾ پرورش ڪري سگهنديون، ٻارڙيون بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي تعليم جاري رکي سگهنديون ۽ هر ڪشميري ٻار اميد ۽ اعتماد سان پنهنجي مستقبل طرف ڏسندو. هن چيو ته پاڪستان جون عورتون ۽ ٻار ڪشميري عورتن ۽ ٻارن سان گڏ بيٺل آهن ۽ انهن جي گڏيل خواهش آهي ته ڪشميري عوام آزادي، تحفظ ۽ پنهنجي مستقبل جي جورجڪ جي موقعن سان زندگي گذاري سگهن.












