اسلام آباد - 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور پاڪ چين دوستي کي نئين نسلن تائين منتقل ڪرڻ، ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ، ميڊيا تعاون، حقيقتن تي ٻڌل معلومات جي مٽاسٽا، واپار ۽ سيڙپڪاري، گڏيل تحقيق ۽ ثقافتي رابطن کي سگهه ڏيڻ ۾ اهم ڪردار …
چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور پاڪ چين دوستي کي نئين نسلن تائين منتقل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو: عطاءُ الله تارڙ
اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور پاڪ چين دوستي کي نئين نسلن تائين منتقل ڪرڻ، ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ، ميڊيا تعاون، حقيقتن تي ٻڌل معلومات جي مٽاسٽا، واپار ۽ سيڙپڪاري، گڏيل تحقيق ۽ ثقافتي رابطن کي سگهه ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، سي پيڪ جي پهرين مرحلي اسان جي زمينن کي ڳنڍيو جڏهن ته اڳيون مرحلو اسان جي ذهنن کي ڳنڍيندو، جيڪڏهن سي پيڪ اسان جي گڏيل مستقبل جو جسم آهي ته چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور ان جو آواز هوندو، صدر شي جن پنگ اسان کي گڏيل مستقبل جو ويزن ڏنو، وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان کي ان تائين پهچڻ جا ذريعا فراهم ڪيا، نوجوانن جي هٿان ۾ ليپ ٽاپ هڪ پاسپورٽ آهي ۽ سمارٽ فون هڪ منڊيءَ آهي، ڊيجيٽل دور ۾ رابطا طاقت ۽ بيانيو خودمختياري آهي، چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور چار بنيادي ٿنڀن ميڊيا، واپار ۽ ڪاروباري ادارا، ٿنڪ ٽينڪس ۽ ثقافت، سياحت ۽ نوجوانن تي ٻڌل آهي. پاڪستان ۽ چين گڏيل مستقبل جي تعمير، ڊيجيٽل معيشت جي فروغ ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ، پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زائي ڊونگ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري سميت ٻيون اهم شخصيتون پڻ موجود هيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن کان اطلاعات واري وزارت جون ذميواريون سنڀاليون آهن، ميڊيا، معلومات جي مٽاسٽا ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز تي پاڪ چين لاڳاپن جو فروغ منهنجي دلي خواهش رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي سرحدن سان گڏ درياءَ، جبل، ثقافتون ۽ روايتون به گڏيل آهن، اهي جبل ۽ درياءَ اسان جي دوستي جي علامت ۽ گڏيل داستانن جا امين آهن. هن چيو ته پاڪ چين دوستي جا داستان دره خنجراب کان وٺي گوادر، ڪراچي ۽ سڄي ملڪ تائين پکڙيل آهن، اسان جي بزرگن پاڪ چين دوستي جا داستان نسل در نسل منتقل ڪيا. منهنجي والده مون کي ٻڌائيندي هئي ته جڏهن هو شاگردياڻي هئي ته هوءَ انهن شاگردن ۾ شامل هئي جن اسلام آباد جي رستن تي هٿن ۾ چيني جهنڊا کڻي عزت مآب چو آين لائي جو استقبال ڪيو هو. منهنجو ڏاڏو جيڪو 1998ع ۾ پاڪستان جو صدر هو، کي اهو اعزاز حاصل ٿيو ته هن چين جي ان وقت جي وزيراعظم زو رونگ جي جو استقبال ڪيو جڏهن هو سرڪاري دوري تي پاڪستان آيو هو. وفاقي وزير چيو ته اهي ڪهاڻيون ۽ روايتون اسان جي گڏيل ورثي جو حصو آهن، اسان ان ورثي کي اڳتي وڌائيندي نئين نسلن تائين پهچائينداسين. پاڪ چين دوستي کي مضبوط بڻائڻ ۽ نئين نسلن تائين منتقل ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، اهو ئي سبب آهي جو چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي ملڪن جي وچ ۾ اسريٽجڪ لاڳاپا هوندا آهن ۽ ڪيترن ئي ملڪن سان سٺا لاڳاپا هوندا آهن پر پاڪستاني هجڻ جي ناطي اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته هڪ لفظ “باتيي” پاڪستان چين دوستي جي تعريف ڪري ٿو جنهن جو مطلب آهي مضبوط دوستي. پاڪ چين مضبوط دوستي جي اها منفرد اصطلاح رڳو ٻنهي ملڪن جي مخصوص آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته صدر شي جن پنگ 2015ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪري پاڪ چين دوستي کي نئين بلنديءَ ڏني ۽ سي پيڪ اهم منصوبو پيش ڪيو. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو اهم ترين منصوبو آهي جنهن ڏهاڪن جي خيرسگالي کي عملي ترقي، توانائي ۽ بنيادي ڍانچي ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته سي پيڪ انهن گهرن کي روشن ڪيو جتي اڳ ۾ اونداهي رهندي هئي. سي پيڪ اسان جي صوبن ۾ موٽرويز تعمير ڪيون ۽ گوادر جي ذريعي پاڪستان کي عالمي پهچ جو دروازو فراهم ڪيو. دره خنجراب جي رستي پهرين فائبر آپٽڪ ڪيبل پاڪستان ۽ چين کي سڌوسنئون ڳنڍي ڇڏيو آهي اها دنيا جي بلند ترين دريتي روشني جي هڪ خاموش لڪير هئي. هي اها جڳهه آهي جتي هندوڪش، هماليه ۽ قراقرم جو جابلو سلسلو ملي ٿو ۽ اهو ئي اهو مقام آهي جتي پاڪستان ۽ چين هڪ ٻئي سان ڳنڍجن ٿا. وفاقي وزير چيو ته صدر شي جن پنگ نواز شريف جي دعوت تي سي پيڪ جي شروعات ڪئي هئي، اڄ سي پيڪ 2.0 تحت وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر شي جن پنگ ترقي، روزگار، جدت، ماحول دوست ترقي ۽ ڪشادگي جي لنگهن جي نئين مرحلي جو خاڪو پيش ڪيو آهي. هن چيو ته سي پيڪ جي پهرين مرحلي اسان جي زمينن کي ڳنڍيو، اڳيون مرحلو اسان جي ذهنن کي ڳنڍيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو انفارميشن ڪوريڊور ٻنهي ملڪن جي عوام جي ذهنن کي ڳنڍڻ جي لاءِ پُل جو ڪردار ادا ڪندو. وفاقي وزير چيو ته چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور چار ٿنڀن تي قائم آهي ۽ هر ٿنڀ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، پهريون ٿنڀ ميڙا آهي، پاڪستان ۽ چين جي 18 ميڊيا ادارن تي ٻڌل نيوز ايڪسچينج ورڪنگ گروپ قائم آهي جنهن ۾ سرڪاري نشرياتي ادارن ۽ نجي چينلز کان وٺي شنهوا، سي ايم جي ۽ پيپلز ڊيلي سميت ادارا شامل آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان ۽ چين جا ميڊيا ادارا گڏيل تعاون بابت تصديق ٿيل خبرون هڪ ٻئي سان شيئر ڪن ٿا، چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور ۾ گمراهه ڪندڙ بيانين جي نشاندهي ۽ ٺوس حقيقتن سان ان جي جواب ڏيڻ جي لاءِ مخصوص فيڪٽ چيڪنگ نظام موجود آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور جو ٻيو ٿنڀ ڪاروبار ۽ واپاري ادارا آهن، پاڪستان ۽ چين جي ناليواري واپاري گروپس مان فائدو کڻندي ان ٿنڀ ڪراچي ۾ پنهنجي پهرين علائقائي آفيس کولي ڇڏي آهي جيڪا واپار، سيڙپڪاري ۽ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جو رڪارڊ رکڻ جي لاءِ هڪ واپاري پورٽل تيار ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته هڪ پوڊ ڪاسٽ سيريز جي ذريعي پاڪستان ۾ چيني ڪاروباري ماڻهن ۽ چين ۾ پاڪستاني ڪاروباري ماڻهن جون ڪهاڻيون بيان ڪيون پيون وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور جي ٽئين ٿنڀ ٿنڪ ٽينڪس جو ذڪر ڪندي چيو ته ٿنڪ ٽينڪس بيانيي جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي قيادت هيٺ ۽ اسان جي نمايان تحقيقي ادارن جي شموليت سان اهو ٿنڀ گڏيل ڳالهه ٻولهه، تحقيق ۽ چيني هم منصب ادارن سان اشاعتن جي ذريعي ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۾ ثبوت ۽ گهرائي شامل ڪندو. چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور جي چوٿين ٿنڀ جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو ٿنڀ ثقافت، سياحت ۽ نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪو ان لنگهه جي دل آهي. هن چيو ته سنڪيانگ ۽ گلگت بلتستان جي وچ ۾ سياحتي لنگهه تي ڪم جاري آهي جنهن سان چيني سياحن جي سفر کي پاڪستان جي اترئين علائقن جي وادين تائين توسيع ڏني ويندي. هن چيو ته پاڪ چين دوستي جي يادگاري سال جي موقعي تي دوستي ريلي منعقد ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ يوٿ ايمبيسڊرز جي پهرين گروپ جي لاءِ سڄي پاڪستان جي 13 يونيورسٽين مان نوجوانن کي نامزد ڪيو ويو آهي، گلگت کان ڪوئيٽا، پشاور کان ڪراچي ۽ مظفرآباد کان لاهور تائين جون يونيورسٽيون ان ۾ شامل آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته صدر شي جن پنگ دنيا جي سامهون هڪ وسيع اخلاقي ويزن پيش ڪيو يعني انسانيت جي گڏيل مستقبل رکندڙ برادري جو تصور “انسانيت گڏجي ترقي ڪري ٿي يا گڏجي زوال پذير ٿئي ٿي”. ڪا قوم ٻئي جي بدامني ۾ پائيدار تحفظ حاصل نه ٿي ڪري سگهي، نه ئي ڪا قوم ڪنهن ٻئي جي غربت ۾ پائيدار خوشحالي حاصل ڪري سگهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته اسان جون تقديرون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، اسان جو مستقبل به گڏجي تعمير ٿيڻ گهرجي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي ٻن مختلف زبانن، مذهبن ۽ تاريخ رکندڙ ملڪن جي گڏيل تقدير جي رشتي ۾ ڳنڍجڻ جو مثال آهي. هن چيو ته اسان جي ٻنهي اڳواڻن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر شي جن پنگ نئين دور ۾ پاڪستان ۽ چين جي گڏيل مستقبل تي ٻڌل برادري تعمير ڪرڻ جو وچن ڪيو آهي، جيڪڏهن سي پيڪ اسان جي گڏيل مستقبل جو جسم آهي ته چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور ان جو آواز هوندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جيڪڏهن سي پيڪ اسان جي معيشتن کي ڳنڍي ٿو ته اهو لنگهه اسانج ي گڏيل سمجهه بوجهه کي ٺوس ڪندو. هن چيو ته چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور ڪوڙ جو جواب حقيقتن، اڪيلائي جو جواب مٽاسٽا ۽ بداعتمادي جو جواب اعتماد سان ڏيندو. هن چيو ته صدر شي جن پنگ عالمي تهذيب جي قدم جي ذريعي ملڪن تي تهذيبن جي تنوع جو احترام ۽ عوام جي وچ ۾ گڏيل فهم ۽ ادراڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. صدر شي جن پنگ اسان کي گڏيل مستقبل جو ويزن ڏنو، وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان کي ان تائين پهچڻ جا ذريعا فراهم ڪيا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني آءِ ٽي شاگردن کي جديد رجحانن کان آگاهي جي لاءِ وظيفا فراهم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي، وزيراعظم جي اصرار علي بابا گروپ جي چيئرمين مصنوعي ذهانت جي ذريعي مفاهمت جي يادداشت جو مسودو تيار ڪيو جنهن تي دوري جي دوران 20 منٽن ۾ صحيحون ڪيون ويون، علي بابا گروپ سان مفاهمت جي يادداشت تي عملدرآمد جاري آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي لاءِ ڊيجيٽل انقلاب جو تعلق عوام ۽ خاص طور تي پاڪستان جي نوجوانن سان آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان جي 68 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر ماڻهن تي ٻڌل آهي، نوجوانن جي هٿن ۾ ليپ ٽاپ هڪ پاسپورٽ آهي ۽ سمارٽ فون هڪ منڊيءَ آهي، پاڪستان پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي عالمي ڊيجيٽل معيشت ۾ پنهنجو مقام ٺاهي رهيو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڊيجيٽل دور ۾ رابطا طاقت ۽ بيانيو خودمختياري آهي، جيڪا قوم ڊيجيٽل دنيا ۾ پنهنجي ڪهاڻي پاڻ نه ٻڌائي سگهي ان جي ڪهاڻي ٻيا ان پاران ٻڌائيندا. هن چيو ته چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور بنيادي طور تي ڊيجيٽل لنگهه آهي، نيوز ايڪسچينج، حقيقتن جي جانچ، واپاري پورٽلز، پوڊ ڪاسٽس، سوشل ميڊيا چينلز ۽ يوٿ ايمبيسيڊرز ڊيجيٽل دور جا اهڙا ذريعا آهن جن کي هڪ پراڻي ۽ قابل اعتماد دوستي جي لاءِ استعمال ۾ آندو پيو وڃي. هتي به پاڪستان چين سان گڏجي اڳتي وڌي رهيو آهي، فائيو جي، مصنوعي ذهانت، اي ڪامرس ۽ سمارٽ شهرن سميت ڊيجيٽل معيشتن ۾ چين جي برتري اسان جي دور جي عظيم ڪاميابين مان هڪ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چين جي ميڊيا ادارن، ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين، ڪاروباري ادارن ۽ يوٿ ايمبيسيڊرز کي سي پيڪ جي هر ٿنڀ ۾ مڪمل حصيداري جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين گڏجي قراقرم هاءِ وي تعمير ڪيو، ڪيترن ئي ماڻهن ٻنهي قومن کي ڳنڍڻ جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، اڄ اسان هڪ مختلف رستو تعمير ڪري رهيا آهيون جيڪو جبلن بدران سچائي سان ٺهندو ۽ ٽرڪن بدران آوازن جي ذريعي اڳتي وڌندو. هن چيو ته اسان جي بزرگن جي تعمير ڪيل شاهراهه وانگر چين پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور به قائم ۽ دائم رهندو. ان لنگهه جي ذريعي پاڪ چين دوستي ڪهاڻي هر گهر ۽ زبان تائين پهچائي وڃي. هن چيو ته پاڪ چين دوستي ان حقيقت جي زندهه گواهي آهي ته انسانيت جو گڏيل مستقبل هڪ اهڙي تقدير آهي جنهن کي اسان گڏجي تعمير ڪري رهيا آهيون.












