اسلام آباد - 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين چائنا پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور (سي پي آءِ سي) جو افتتاح ڪري ڇڏيو جنهن جو مقصد ميڊيا تعاون کي مضبوط بڻائڻ، معلومات جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻطرفي تعاون جي عوام جي زندگين تي پوندڙ اثرن کي اجاگر ڪرڻ آهي، ان قدم تحت ٻنهي ملڪن جي ميڊيا ادارن، ٿنڪ ٽينڪس، تعليمي ادارن، ڪاروباري شعبي ۽ نوجوانن کي هڪ پليٽ …
پاڪستان ۽ چين پاران چائنا پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور (سي پي آءِ سي) جو افتتاح
اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين چائنا پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور (سي پي آءِ سي) جو افتتاح ڪري ڇڏيو جنهن جو مقصد ميڊيا تعاون کي مضبوط بڻائڻ، معلومات جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻطرفي تعاون جي عوام جي زندگين تي پوندڙ اثرن کي اجاگر ڪرڻ آهي، ان قدم تحت ٻنهي ملڪن جي ميڊيا ادارن، ٿنڪ ٽينڪس، تعليمي ادارن، ڪاروباري شعبي ۽ نوجوانن کي هڪ پليٽ فارم تي آندو ويندو ته جيئن گڏيل افهام ۽ تفهيم کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چين جي پراڻي حصيداري بابت معلومات جي مٽاسٽا ڪري سگهجي. پاڪستان چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ افتتاحي تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊاونگ ۽ چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ سميت ٻين اعلى عملدارن ۽ معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين هن سال سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻجي 75هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا سفارتي رابطن کان اڳتي وڌي اقتصادي تعاون، ٽيڪنالاجي، تعليم، ثقافت ۽ ميڊيا سميت مختلف شعبن تائين سگهه اختيار ڪري چڪا آهن، انفارميشن ڪوريڊور معلومات جي مٽاسٽا ۽ ٻطرفي لاڳاپن بابت گڏيل تفهيم کي فروغ ڏئي ان حصيداري ۾ هڪ نئين سگهه جو اضافو ڪندو. هن چيو ته رستن، بندرگاهن ۽ صنعتي زونز ٻنهي ملڪن جي معيشتن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته ان حصيداري کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ سمجهڻ به ضروري آهي، تعاون جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ سان گڏ ئي ٻنهي ملڪن جي عوام ان جي فائدن بابت صحيح، وقت سر ۽ قابل اعتماد معلومات جي مستحق آهي. اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته سي پي آءِ سي خابرو ادارن، نشرياتي ادارن ۽ فلمي تنظيمن جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا، مواد جي حصيداري ۽ گڏيل پروڊڪشنز جي لاءِ اڳ کان موجود معاهدن جي بنياد تي ڪم ڪندو. هن ان قدم جي حمايت يت چيني حڪومت خاص طور تي پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جا ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته انفارميشن ڪوريڊور چار بنيادي شعبن تي ٻڌل هوندو جنهن ۾ ميڊيا تعاون، ڪاروبار ۽ واپار، ٿنڪ ٽينڪس ۽ ثقافت، سياحت ۽ نوجوانن جي مٽاسٽا شامل آهي. ميڊيا تعاون تحت ٻئي ملڪ خبرن ۽ ٻئي مواد جي مٽاسٽا ڪندا ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جو حقيقتن جي ذريعي مقابلو ڪندا، ڪاروباري شعبي ۾ ڪمپنين جي ڪاميابين کي اجاگر ڪرن سان گڏ واپار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪيا ويندا، ٿنڪ ٽينڪس گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تحقيق ۽ ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏينديون جڏهن ته ثقافتي، سياحتي ۽ نوجوانن جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ان موقعي تي چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ خطاب ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ادارا خاص طور تي اطلاعات ۽ پرڏيهي معاملن سان واڳيل ادارن، ميڊيا تنظيمن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي ڪوششن جي نتيجي ۾ انفارميشن ڪوريڊور منصوبابندي جي مرحلي مان نڪري عملي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، لاڳاپيل وزارتن جي عملدارن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ ٻين سمورن ماڻهن جا ٿورا ادا ڪيا جن ان منصوبي جي قيام ۾ ڪردار ادا ڪيو. چيني سفير 21 مارچ 2024ع تي عطاءُ الله تارڙ جي وفاقي وزير جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ساڻس پنهنجي پهرين ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته ان موقعي تي ميڊيا تعاون، ڪميونيڪشن ۽ تجويز ڪيل انفارميشن ڪوريڊور جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي. هن عطاءُ الله تارڙ پاران پنهنجي خاندان جي چين سان پراڻي دوستي جي حوالي سان ٻڌايل واقعو پڻ ياد ڪيو. هن چيو ته اهڙي طرح جا ذاتي تجربا ۽ واقعا ان اهميت کي اجاگر ڪن ٿا ته اهڙيون ڪهاڻيون هڪ ٻئي سان شيئر ڪيون وڃن جيڪي ٻنهي ملڪن جي عوام کي هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۽ ويجهو آڻڻ ۾ مدد ڏين. چيني سفير ان ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جا ثمر عام ماڻهن تائين پهچڻ گهرجن. هن چيني صدر شي جن پنگ جي ان اصول جو حوالو ڏنو ته بهتر زندگي جي لاءِ عوام جون خواهشون حڪومتي قدمن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي. جيانگ زي ڊونگ چيو ته ٻنهي ملڪن کي خاص طور تي سي پيڪ تحت ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انهن گڏيل منصوبن جون ڪهاڻيون عوام تائين پهچائڻ جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي جن ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري پيدا ڪئي آهي. هن چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي 20هين اجلاس جي پنجين مڪمل اجلاس جو پڻ ذڪر ڪيو جيڪو سومر ڏينهن بيجنگ ۾ شروع ٿيو. ان موجب اجلاس ۾ بدلجندڙ عالمي ماحول جي ڏس ۾ چين جي 15هين پنج سالا منصوبي ۽ 2035ع تائين ڊگهي مدي وارن هدفن بابت اهم معاملن تي غور ڪيو پيو وڃي. تقريب کي خطاب ڪندي چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ چيو ته پاڪستان جو هي سندس پهريون دورو آهي، جڏهن ته هوءَ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن بابت ڊگهي عرصي کان آگاهه آهي. هن پاڪستان ۽ چين کي هر آزمائش تي پورو لهندڙ اسٽريٽجڪ حصيدار ۽ مضبوط ڀاءُ قرار ڏنو چين ۾ 2008ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پاڪستان چيني عوام جي مدد جي لاءِ خيما فراهم ڪيا هئا جنهن کي چين ڪڏهن به نه وساريندو. مائوننگ چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۾ توانائي جي فرهامي کي مستحڪم ڪرڻ، صنعتي ترقي ۾ مددگار ۽ بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جڏهن ته ان سان عوام جي ڀلائي کي پڻ فروغ مليو آهي. جڏهن ته هن چيو ته ٻنهي ملڪن بابت معلومات تائين پهچ ۽ هڪ ٻئي جي ملڪ جو دورو ڪرڻ جو موقعو هر شخص کي حاصل نه آهي، غلط معلومات، جعلي خبرن ۽ بي بنياد دعوائن جو ڦهلاءُ بدستور هڪ چئلينج آهي ان جي لاءِ سي پي آءِ سي جي شروعات وقت سر ۽ ضروري قدم آهي. هن چيو ته ڪهاڻيون ماڻهن جي سوچ ۽ طرز عمل تي اثرانداز ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون جا اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن جن کي دنيا جي سامهون آڻڻ جي ضرورت آهي. مائوننگ چيو ته سي پيڪ جي ذريعي پاڪستان ۾ 236000 کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. هن 26 سالا ندا جو پڻ ذڪر ڪيو جيڪا پاڪستان جي پهرين عورت ميٽرو ٽرين ڊرائيور بڻجي. هن چيو ته ندا جو تجربو ان ڳالهه جو مثال آهي ته روزگار جا موقعا عورتن کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائين ٿا. چيني ترجمان يو ته ٻنهي ملڪن جي عوام پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ تعاون جون اهڙيون ڪهاڻيون اجاگر ڪري ٻطرفي لاڳاپن بابت عوامي آگاهي ۽ حمايت کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. شاهراهه قراقرم جو حوالو ڏيندي جيڪا جاگرافيائي طور تي ٻنهي ملڪن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي، هن چيو ته سي پي آءِ سي ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ انهن جي ذهنن کي ڳنڍيندڙ پُل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته گڏيل ڪوششن سان اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ پاڪستان چين پراڻي دوستي جي لاءِعوامي حمايت مضبوط ٿيندي. تقريب دوران پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن تي ٻڌل هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي جڏهن ته حاضرين جي لاءِ رقص جو مظاهرو پڻ پيش ڪيو ويو. تقريب جي پڄاڻي تي چائنا پاڪستان انفارميشن ڪوريڊور جي لوگو جي رونمائي پڻ ڪئي وئي.












