اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپور ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي چيو آهي، ته ڪشميري عوام جي جدوجهد پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ، پنهنجي سڃاڻپ جو تحفظ ۽ بنيادي حقن کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد آهي. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج جي ڪشمير ۾ اچڻ ۽ فوجي مداخلت هڪ اهڙي تڪرار کي جنم ڏنو جنهن جو منصفاڻو …
ڪا به طاقت ڪشميري عوام سندن خوداراديت واري حق کان وڌيڪ عرصو محروم نٿي رکي سگهي: فريال ٽالپور
اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپور ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي چيو آهي، ته ڪشميري عوام جي جدوجهد پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ، پنهنجي سڃاڻپ جو تحفظ ۽ بنيادي حقن کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد آهي. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج جي ڪشمير ۾ اچڻ ۽ فوجي مداخلت هڪ اهڙي تڪرار کي جنم ڏنو جنهن جو منصفاڻو حل اڄ به عالمي برادري جي ڌيان ۽ سنجيده قدمن جي گهرجائو آهي. پيپلز ميڊيا سيل پاران جاري پيغام ۾ فريال ٽالپور چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪشمير مسئلي کي پاڪستان جي قومي ترجيحن ۾ نمايان مقام ڏنو ۽ ڪسميري عوام جي خوداراديت واري حق لاءِ عالمي سطح تي ڀرپور آواز بلند ڪيو. شهيد بينظير ڀٽو به ان جدوجهد کي اڳيان وڌائي ڪشميري عوام سان يڪجهتي ۽ انهن جي جائز حقن جي حمايت جي روايت برقرار رکي. صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري به ان جدوجهد امين ۽ اصولي موقف جا علمبردار آهن. پرڏيهي وزير جي حيثيت سان بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي دور ۾ عالمي سفارتي فورمز تي ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو ۽ عالمي برادري جو ڌيان ان جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي ضرورت ڏانهن ڇڪايو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪشمير عوام جي خوداراديت واري حق جي حمايت جاي رکندي. هن چٽن لفظن ۾ چيو ته ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي ۽ ڪا به طاقت کين ان جائز خوداراديت واري حق کان گهڻو وقت محروم نٿي رکي سگهي.












