مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ۽ خاتون اول ساجده محمد پاران لوڪ ورثه ميوزيم ۽ پاڪستان مانومنٽ جو دورو، پاڪستان جي ثقافتي ورثي ۾ گهري دلچسپي جو اظهار

اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ۽ خاتون اول ساجده محمد خميس ڏينهن لوڪ ورثه ميوزيم اسلام آباد جو دورو ڪيو جتي هنن پاڪستان جي ثقافتي ورثي، علائقائي روايتن، مقامي دستڪاري ۽ فنون لطيفه ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. لوڪ ورثه جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد وقاص سليم ۽ ٻين عملدارن معزز مهمانن جو استقبال ڪيو ۽ انهن کي ميوزيم جي مختلف …

اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ۽ خاتون اول ساجده محمد خميس ڏينهن لوڪ ورثه ميوزيم اسلام آباد جو دورو ڪيو جتي هنن پاڪستان جي ثقافتي ورثي، علائقائي روايتن، مقامي دستڪاري ۽ فنون لطيفه ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. لوڪ ورثه جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد وقاص سليم ۽ ٻين عملدارن معزز مهمانن جو استقبال ڪيو ۽ انهن کي ميوزيم جي مختلف حصن جو دورو ڪرايو. ان موقعي تي کين ميوزيم ۾ محفوظ نوادرات ۽ ثقافتي شين جي تاريخي ۽ ثقافتي اهميت سان گڏوگڏ پاڪستان جي لوڪ ۽ روايتي ورثي جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ اداري جي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ميوزيم جي مختلف گيلرين جي دوري دوران مالديپ جي صدر ۽ خاتون اول پاڪستان جي مختلف علائقن جي منفرد ثقافتي سڃاڻپ جي عڪاسي ڪندڙ مصنوعات ڏٺيون. انهن ۾ ڪڙهائي، روايتي ملبوسات ۽ ڪپڙا، مٽيءَ جا ٿانوَ، ڪاٺ تي ٿيل نقش نگاري ۽ مقامي فنون دستڪاري جا ٻيا نمونا شامل هئا جيڪي مقامي هنرمندن جي تخليقي صلاحيتن ۽ ثقافتي روايتن جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ سڄي ملڪ جي مختلف برادرين جي زندگي ۽ سڃاڻپ جو حصو آهن. معزز مهمانن روايتي طرز زندگي، علائقائي رسم ۽ رواج ۽ نسل در نسل منتقل ٿيندڙ فنون ۽ هنر جي نمائندگي ڪندڙ مصنوعات ۾ خصوصي دلچسپي ورتي ۽ پاڪستان جي قومي ثقافتي ورثي جو مشاهدو ڪيو. ان موقعي تي محمد وقاص سليم ٻڌايو ته لوڪ ورثه ڪهڙي طرح ملڪ جي ثقافتي ورثي کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ۽ نمائش جي ذريعي اجاگر ڪرڻ جو فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته اداري جي ڪوششن جو مقصد روايتي هنر کي محفوظ بڻائڻ ۽ مقامي ڪميونٽيز جي علم، تجربي ۽ دستڪاري کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ آهي. سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ۽ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر پڻ ان موقعي تي موجود هئا جن پاڪستان جي ثقافتي ورثي، قديم روايتن ۽ مهمان نوازي جي روشن رخن کان عالمي شخصيتن کي روشناس ڪرايو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ گڏيل ثقافتي تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۽ عوامي سطح تي رابطا مضبوط بڻائڻ ۾ ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ويو. ٻئي طرف مالديپ جي صدر ۽ خاتون اول اسلام آباد ۾ پاڪستان مانومنٽ ۽ فيصل مسجد جو پڻ دورو ڪيو جتي انهن پاڪستان جي قومي سڃاڻپ، تاريخ ۽ تعميراتي ورثي جو مشاهدو ڪيو.