لاهور - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري لاهور کان جرمني جي لاءِ روانو ٿي ويو. صدر دوري دوران جرمن صدر ۽ اعلى حڪومتي عهديدارن سان ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۽ معاشي ۽ واپاري تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهو دورو جرمني جي صدر فرينڪ والٽر اشٽائن مائر جي دعوت تي …
صدر آصف علي زرداري لاهور کان جرمني جي دوري لاءِ روانو
لاهور – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري لاهور کان جرمني جي لاءِ روانو ٿي ويو. صدر دوري دوران جرمن صدر ۽ اعلى حڪومتي عهديدارن سان ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۽ معاشي ۽ واپاري تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهو دورو جرمني جي صدر فرينڪ والٽر اشٽائن مائر جي دعوت تي ڪري رهيو آهي. صدر آصف علي زرداري جو جرمني جو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، گذريل 23 سالن کانپوءِ ڪنهن به پاڪستاني ملڪي سربراهه جو اهو جرمني جو پهريون دورو هوندو. هلندڙ سال ٻئي ملڪ پنهنجي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه پڻ ملهائي رهيا آهن. ان حوالي سان جرمن صدر جي صدر آصف علي زرداري کي جرمني جي دوري جي خصوصي دعوت نمايان حيثيت رکي ٿي. صدر جرمني جي دوري دوران هڪ اعلى سطحي وفد سان گڏ جرمني جي صدر ۽ اعلى جرمن حڪومتي عهديدارن سان ملاقات ڪندو. ملاقاتن دوران ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي صورتحال، معاشي ۽ واپاري تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. صدر آصف علي زرداري جو جرمني جو دورو ٻطرفي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل حصيداري جي فروغ کي نئين سگهه ڏيڻ طرف مددگار ثابت ٿيندو. صدر آصف علي زرداري جو دورو پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ موجود ٻطرفي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ طرف اهم سنگ ميل هوندو. پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان ايئرپورٽ تي صدر کي الوداع ڪيو.












