مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ۽ خاتون اول ساجده محمد پاران فيصل مسجد جو دورو

اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ۽ خاتون اول ساجده محمد خميس ڏينهن فيصل مسجد جو دورو ڪيو جتي کين مسجد جي تاريخ ۽ عوام جي مشاهدي جي لاءِ رکيل قرآن پاڪ جي نسخن ۽ مخطوطات بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ۽ خاتون اول سان گڏ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير جنيد انوار، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري …

اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ۽ خاتون اول ساجده محمد خميس ڏينهن فيصل مسجد جو دورو ڪيو جتي کين مسجد جي تاريخ ۽ عوام جي مشاهدي جي لاءِ رکيل قرآن پاڪ جي نسخن ۽ مخطوطات بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ۽ خاتون اول سان گڏ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير جنيد انوار، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. فيصل مسجد جي امام اعظم ۽ عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي دعوته اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر محمد الياس مهمانن کي مسجد جي تاريخ ۽ نمائش جي لاءِ رکيل قران پاڪ جي نسخن ۽ مخطوطات بابت آگاهه ڪيو. مالديپ جي صدر ۽ خاتون اول فيصل مسجد ۾ نفل پڻ ادا ڪيا. دوري جي پڄاڻي تي ٻنهي معزز شخصيتن مهمانن جي يادگار ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا. واضح رهي ته مالديپ جو صدر ۽ خاتون اول ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهن ۽ جمعي ڏينهن وطن واپس روانا ٿيندا.