ڊگهي مدت جي بنياد تي گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ مالياتي وفاقيت بابت مسئلا حل ڪرڻا پوندا: بلال اظهر ڪياني

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته معاشي استحڪام کان پوءِ روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڊگهي مدت جي بنياد تي گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ مالياتي وفاقيت بابت مسئلا حل ڪرڻا پوندا، صوبن جي ترقياتي خرچن کي قومي ترجيحن سان هم آهنگ ڪرڻ  سان گڏوگڏ ضلعن ۾ وسيلن …

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته معاشي استحڪام کان پوءِ روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڊگهي مدت جي بنياد تي گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ مالياتي وفاقيت بابت مسئلا حل ڪرڻا پوندا، صوبن جي ترقياتي خرچن کي قومي ترجيحن سان هم آهنگ ڪرڻ  سان گڏوگڏ ضلعن ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ انهن جي اثرائتي استعمال کي به يقيني بڻائڻ ضروري. خميس ڏينهن سي اي او سمٽ کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير چيو ته گذريل ٻن سالن دوران، پاڪستان معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، پاليسي ريٽ مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي، جي ڊي پي جي واڌ جي شرح سراسري بهتري آئي آهي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي. عالمي معاشي صورتحال ۽ ٻارڻ جي قيمتن ۽ رسد بابت دٻاءُ جي باوجود مثبت اڳڀرائي اهم آهي. هن چيو ته عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين پاران پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري به همٿائيندڙ آهي، جڏهن ته هاڻي ضروري آهي ته  استحڪام کي پائيدار ۽ روانگي واپار تي ٻڌل ترقي ۾ تبديل ڪيو وڃي. بلال اظهر ڪياني چيو ته پائيدار ترقي اهڙي هجڻ گهرجي جو ان جا ثمر صرف مٿين طبقي تائين محدود نه هجن، پر سماج جا سڀئي طبقا ان مان فائدو حاصل ڪن. روانگي واپار تي ٻڌل ترقي سان پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ملڪ کي بار بار ادائيگين جي توازن جي بحرانن کي منهن ڏيڻ کان بچڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته حڪومت ڪاروباري برادري ۽ روانگي واپار ڪندڙن سان مسلسل مشاورت ڪرير هي آهي انهن جي تجويزن جي روشني ۾ مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته وزيراعظم به ڪاروباري ماڻهن ۽ راونگي واپار ڪندڙن سان ملاقاتون ڪري ٿو ته جيئن انهن جي مسئلن کي سمجهي ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي سگهجن. تازي بجيٽ ۾ ڪاروباري شعبي کي ٽيڪس ۾ رليف ڏنو ويو آهي ۽ ساليانو 15 ڪروڙ کان 50 ڪروڙ روپين تائين آمدني رکندڙ ڪاروبارن لاءِ سپر ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني وارن ڪاروبارن لاءِ سپر ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو کان گهٽائي 8 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. آئي ٽي شعبي جي روانگي واپار تي حتمي ٽيڪس نظام تحت 0.5 سيڪڙو ٽيڪس جي سهولت کي وڌيڪ ٽن سالن لاءِ برقرار رکي وئي آهي، جڏهن ته روانگي واپار ڪندڙن لاءِ سپر ٽيڪس به ختم ڪيو ويو آهي. مملڪتي وزير چيو ته پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ به بجيٽ ۾ قدم کنيا ويا آهن، انڪم ٽيڪس اٽڪل سمورن سليبز ۾ شرحون گهٽائي ڇڏيون آهن، پگهاردار طبقي تي لاڳو ڪيل سرچارج کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ايڪسپورٽ فنانسنگ اسڪيم ۽ ِ ڊگهي مدت واريي فنانسنگ اسڪيم سميت ٻين سهولتن لاءِبجيٽ ۾  ڪافي وسيلا رکيا ويا آهن، جن مان ڪاروباري ادارا فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. توانائي جي شعبي ۾ تبديلين جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ توانائي جي استعمال جو رجحان تبديل ٿي رهيو آهي ۽ بيٽري ٽيڪنالاجي ان تبديلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. حڪومت ڪاروباري سرگرمين جي مختلف رخن بابت مسئلن جي حل ۽ ڪاروبار کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم جاري رکندي.