اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي يونين دهشتگردي جي سمورين شڪلين جي خلاف گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪندي دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ ٻطرفو ۽ گهڻ رخو تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي بابت سالياني ڳالهه ٻولهه خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿي جنهن …
پاڪستان ۽ يورپي يونين پاران دهشتگردي جي سمورين شڪلين جي خلاف گڏيل عزم جو ورجاءُ
اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي يونين دهشتگردي جي سمورين شڪلين جي خلاف گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪندي دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ ٻطرفو ۽ گهڻ رخو تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي بابت سالياني ڳالهه ٻولهه خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ جاري ٻطرفي ۽ گهڻ رخي تعاون جو جائزو ورتو ويو. ڳالهه ٻولهه دوران ڌرين دهشتگردي جي سمورين شڪلين جي خلاف گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ بهترين طريقيڪار جي ڏي وٺ ۽ حصيداري جي نئين امڪانن جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي دهشتگردن ۽ رياستن پاران سائبر اسپيس، توانائي ۽ پاڻي وسيلن جي استحصال سميت دهشتگردي جي اڀرندڙ رجحانن کي منهن ڏيڻ تي پڻ ڌيان ڏنو ويو.












