اسلام آباد- 22 آڪٽوبر (اي پي پي)سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان معاشي استحڪام لاءِ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. سيرپڪاري معاشي بحالي جو بنيادي ذريعو آهي جيڪو روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ، جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي اسلام آباد …
پاڪستان معاشي استحڪام لاءِ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ
اسلام آباد- 22 آڪٽوبر (اي پي پي)سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان معاشي استحڪام لاءِ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. سيرپڪاري معاشي بحالي جو بنيادي ذريعو آهي جيڪو روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ، جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي اسلام آباد ۾ سي اي او سمٽ 2026 ع کي خطاب دوران ڪيو. سمٽ جو موضوع ”ڏکئي وقت ۾ اوسر: مستقبل جي نئين جوڙجڪ هو“ جنهن ۾ مشهور ڪاروباري شخصيتن، سربراهن ۽ سفارتڪارن شرڪت ڪئي. قيصر احمد شيخ چيو ته پاڪستان کي چين جي معاشي ترقي جي تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي جنهن ٽن ڏهاڪن تائين لڳاتار معاشي ترقي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات، توانائي، مينوفيڪچرنگ ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته حڪومت پاڪستان ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ، موجوده ڪاروباري سرگرمين کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. معاشي ترقي حاصل ڪرڻ صرف حڪومت لاءِ ممڪن نه آهي پر ان عمل ۾ خانگي شعبي جو ڪردار مرڪزي اهميت رکي ٿو. هن حڪومت ۽ ڪاروباري برادري وچ ۾ لڳاتار ڳالهين ۽ مضبوط شرڪتداري جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ باصلاحيت نوجوان افرادي سگهه، وسيع مقامي منڊي ، قدرتي وسيلن جهڙا اهم وسيلا موجود آهن جنهن کي اثرائتي حڪمت عملي ذريعي معاشي ترقي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڏکين معاشي حالتن ۾ پائيدار ترقي ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگهي مدي واري سوچ، گڏيل سهڪار ۽ حڪومت ۽ خانگي شعبي وچ ۾ شراڪتداري ضروري آهي.












