واپاري نمائش آءِ ٽي بي برلن 2027ع ۾ شرڪت لاءِ درخواستون (اڄ) تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون: ٽي ڊي اي پي

اسلام آباد- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته جرمني ۾ رٿيل واپاري نمائش آءِ ٽي بي برلن 2027ع ۾ شرڪت لاءِ درخواستون (اڄ) جمعو 23 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش برلن ۾ 16 کان 18 مارچ تائين جاري رهندي. ان ۾ ٽوئر آپريٽرز، ٽريول ايجنٽس، ايئر لائنز  ۽ ان ئي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو …

اسلام آباد- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته جرمني ۾ رٿيل واپاري نمائش آءِ ٽي بي برلن 2027ع ۾ شرڪت لاءِ درخواستون (اڄ) جمعو 23 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش برلن ۾ 16 کان 18 مارچ تائين جاري رهندي. ان ۾ ٽوئر آپريٽرز، ٽريول ايجنٽس، ايئر لائنز  ۽ ان ئي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجون مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏو گڏ پنهنجا واپاري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.