موبائل فونز جي قومي آمدني واپار ۾ سيپٽمبر 2026ع دوران 29 سيڪڙو کان وڌيڪ جي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد- 22 آڪٽوبر(اي پي پي) ملڪ ۾ موبائل فونن جي قومي آمدني واپار ۾ سيپٽمبر 2026ع دوران 29 سيڪڙو کان وڌيڪ جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. انگن اکرن واري سرڪاري اداري موجب ان عرصي دوران موبائل فونن جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 143 ملين ڊالرن تائين گهٽجي ويو جڏهن ته سيپٽمبر 2025ع دوران موبائل فونن جي آمدني واپار جي ماليت 199 ملين رپيا رهي هئي. اهڙي ريت سيپٽمبر 2025ع …

اسلام آباد- 22 آڪٽوبر(اي پي پي) ملڪ ۾ موبائل فونن جي قومي آمدني واپار ۾ سيپٽمبر 2026ع دوران 29 سيڪڙو کان وڌيڪ جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. انگن اکرن واري سرڪاري اداري موجب ان عرصي دوران موبائل فونن جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 143 ملين ڊالرن تائين گهٽجي ويو جڏهن ته سيپٽمبر 2025ع دوران موبائل فونن جي آمدني واپار جي ماليت 199 ملين رپيا رهي هئي. اهڙي ريت سيپٽمبر 2025ع جي ڀيٽ ۾ سيپٽمبر 2026ع دوران موبائل فونن جي ملڪي آمدني واپار ۾ 56 ملين ڊالرن يعني 28.14 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي.