فرانس ۾ منعقد ٿيل ”سيال پيرس“ 2026ع عالمي نمائش ۾ پاڪستان جي 37 ڪمپنين جي شرڪت

اسلام آباد- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس ۾ منعقد ٿيل ”سيال پيرس“ 2026ع جي عالمي نمائش ۾ پاڪستان جي 37 ڪمپنين شرڪت ڪئي. ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان( ٽي ڊي اي پي) موجب 17 کان 21 آڪٽوبر 2026 دوران منعقد ٿيل واپاري ميلي ۾ غذائي جنسون ايڪسپورٽ ڪندڙ پاڪستاني ڪمپنين شرڪت ڪئي جنهن سان ٽي ڊي اي پي جي ايڪسپورٽ ۾ اضافي جي قومي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. …

اسلام آباد- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس ۾ منعقد ٿيل ”سيال پيرس“ 2026ع جي عالمي نمائش ۾ پاڪستان جي 37 ڪمپنين شرڪت ڪئي. ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان( ٽي ڊي اي پي) موجب 17 کان 21 آڪٽوبر 2026 دوران منعقد ٿيل واپاري ميلي ۾ غذائي جنسون ايڪسپورٽ ڪندڙ پاڪستاني ڪمپنين شرڪت ڪئي جنهن سان ٽي ڊي اي پي جي ايڪسپورٽ ۾ اضافي جي قومي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. نمائش دوران باسمتي چانور سميت چانور جي ٻين قسمن، تيار خوراڪ، ڪنفيڪشنري ۽ ماکي سميت ٻين غذائي مصنوعات جي نمائش ڪئي وئي. واپاري ميلي ۾ شرڪت ذريعي پاڪستاني ادارن کي عالمي خريدارن سامهون پنهنجون مصنوعات ۽ ڪاروباري معاملا طئه ڪرڻ ۾ مدد ملندي.