آفريڪا جي ملڪن ۾ غذائي عدم تحفظ وڌڻ جو خدشو آهي: آءِ ايم ايف

واشنگٽن- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن نون معاشي جهٽڪن سبب غذائي شين جي قيمتن ۾ اضافو جاري رهيو ته صحارا آفريقا جي ملڪن ۾ غذائي عدم تحفظ وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ۽ مهانگائي ۾ اضافي جا خدشا به وڌي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق آءِ ايم ايف جي آفريقي شعبي جي ڊائريڪٽر زين …

واشنگٽن- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن نون معاشي جهٽڪن سبب غذائي شين جي قيمتن ۾ اضافو جاري رهيو ته صحارا آفريقا جي ملڪن ۾ غذائي عدم تحفظ وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ۽ مهانگائي ۾ اضافي جا خدشا به وڌي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق آءِ ايم ايف جي آفريقي شعبي جي ڊائريڪٽر زين زيدان هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته گذريل ڇهن کان ستن مهينن دوران ڀاڻ جي قيمتن ۾ اضافي سبب اناج جون قيمتون به نمايان طور وڌيون آهن. هن چيو ته ڀاڻ جي محدود دستيابي سبب آبادگارن جي ايندڙ فصل جي پوک متاثر ٿي سگهي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ زرعي پيداوار گهٽجڻ ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافي جو خدشو آهي. هن چيو ته آبنائي هرمز جي حوالي سان رڪاوٽن ۽ آمريڪا ۽ ايران ڇڪتاڻ سبب هلندڙ سال ڀاڻ جي قيمتن ۾ نمايان اضافو ٿيو جڏهن ته ڪاري سمنڊ ۾ يوڪرين ۽ روس جي اناج جي فراهمي کي درپيش مسئلا به غذائي تحفظ لاءِ خطرو آهن. ان مطابق موسمياتي تبديليون ۽ ال نينو جا اثر به زرعي پيداوار کي متاثر ڪري سگهن ٿا. آءِ ايم ايف عهديدار چيو ته آفريقي ملڪن ۾ صارفين جي قيمتن جي اهڃاڻ ۾ غذائي شين جو نمايان حصو آهي ان ڪري خوارڪ جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافي سان مجموعي مهانگائي به وڌي سگهي ٿي. آءِ ايم ايف پاران صحارا آفريقا بابت تازي علائقائي اقتصادي جائزه رپورٽ مطابق خطي ۾ سراسري مهانگائي جي شرح 2025ع جي 3.4 سيڪڙو مان وڌي 2026ع ۾ 4.3 سيڪڙو ۽ 2027ع ۾ 5 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي جڏهن ته 2026ع ۽ 2027ع ٻنهي سالن ۾ اقتصادي اوسر جي شرح 4.5 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي آهي.

مزید خبریں