لاهور- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي قلات ۽ گوادر ضلعن ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ فتنه الھندوستان خلاف ڪامياب آپريشن ۾ چئن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ پسني ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ 34 سالن جي ميجر وجاهت وحيد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سُومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي …
وزيراعظم پاران بلوچستان ۾ چئن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ۽ ميجر وجاهت وحيد کي شهادت تي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
لاهور- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي قلات ۽ گوادر ضلعن ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ فتنه الھندوستان خلاف ڪامياب آپريشن ۾ چئن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ پسني ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ 34 سالن جي ميجر وجاهت وحيد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سُومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته ميجر وجاهت وحيد پياري مُلڪ جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، قوم کي پنهنجي ان بهادر سپُوت تي فخر آهي. وزيراعظم شهيد ميجر جي خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن ايپڪس ڪميٽي جي وزن "عزم استحڪام” تحت غير مُلڪي سرپرستي ۾ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.











