حڪومت خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن کي برابر موقعن جي فراهمي جي لاءِ مضبوط اردو رکي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سفيد لٺ جي تحفظ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پوري قوم پاران ڏسڻ کان محروم خصوصي ماڻهن جي همت، حوصلي، انهن جي ڀرپور لڳاءُ ۽ زندگي جي لاءِ جذبي ۽ ولولي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، حڪومت قومي عزم ۽ شموليت، برابري ۽ وقار جي عالمي اصولن جي روشني ۾ خصوصي ماڻهن جي …

اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سفيد لٺ جي تحفظ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پوري قوم پاران ڏسڻ کان محروم خصوصي ماڻهن جي همت، حوصلي، انهن جي ڀرپور لڳاءُ ۽ زندگي جي لاءِ جذبي ۽ ولولي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، حڪومت قومي عزم ۽ شموليت، برابري ۽ وقار جي عالمي اصولن جي روشني ۾ خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن کي برابر موقعن جي فراهمي جي لاءِ مضبوط اردو رکي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سفيد لٺ جي تحفظ جي عالمي ڏينهن جيڪو 15 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو، جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڏسڻ کان محروم خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ معاشري ۾ انهن جي شموليت يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن جي گهرڀاتين، معاشرتي مدد ۽ لاڳاپيل خصوصي ادارن جي لڳاءُ، خلوص ۽ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته سفيد ڇري جي تحفظ جو عالمي ڏينهن حقيقت ۾ سڄي دنيا ۾ ڏسڻ کان محروم لکين ماڻهن جي خودمختياري، چرپر جي آزادي، خوداعتمادي ۽ وقار کي اجاگر ڪرڻ جو ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته سفيد لٺ هڪ اهڙو مددگار ذريعو آهي جيڪو ڏسڻ کان محروم ماڻهن کي روزاني جي زندگي ۾ خودمختياري سان حصو وٺڻ ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿو. وزيراعظم چيو ته زندگي جي هر شعبي ۾ ڏسڻ کان محروم خصوصي ماڻهن جي شرڪت ۽ انهن جون ڪاميابيون ڀرپور ساراهه جون مستحق آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي انهن سمورن باصلاحيت ماڻهن جي ڪاميابين ۽ نمايان سنگ ميل تي فخر آهي، خاص طور تي صائمه سليم جون خدمتون فخر جوڳيون آهن جيڪا سفارتڪار آهي ۽ گڏيل قومن جي اعلى عالمي سفارتي فورم تي پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي اهي. وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن انفرادي ۽ گڏيل سطح تي احساسِ ذميواري کي فروغ ڏيڻ ۽ انسانيت جي خدمت جي جذبي جي حوصلا افزائي ڪرڻ جو موقعو پڻ فراهم ڪري ٿو، بنا ڪنهن شڪ جي هي ڏينهن ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي حقن ۽ ضرورتن بابت آگاهي وڌائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت، قومي عزم ۽ شموليت، برابري ۽ وقار جي عالمي اصولن جي روشني ۾ خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن کي برابر موقعن جي فراهمي جي لاءِ پختو ارادو رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته حڪومت، صوبائي حڪومتن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان جامع ۽ سڀني جي لاءِ پهچ جوڳي تعليمي ادارن، رڪاوٽن کان پاڪ جاين، محفوظ رستن، پهچ جوڳي عوامي عمارتن ۽ اچ وڃ جي ذريعن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ برابر شرڪت کي ممڪن بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته متحد ٿي گڏيل ڪوششون معاشرتي ذميواري آهي ته سمورن جسماني، سماجي ۽ اداراجاتي رڪاوٽن کي ختم ڪن جيڪي خصوصي ماڻهن کي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور اظهار ڪرڻ ۽ پنهنجي سگهه موجب اڳتي وڌڻ کان روڪين ٿيون. وزيراعظم چيو ته سموريون لاڳاپيل تنظيمون، ادارا ۽ ماڻهو خاص طور تي پاڪستان ايسوسيئيشن آف بلائنڊ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن جيڪي خصوصي ماڻهن جي حقن، تحفظ، خودمختياري ۽ معاشرتي شموليت جي فروغ جي لاءِ لڳاءُ ۽ خلوص سان ڪم ڪري رهيا آهن.

مزید خبریں