اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري معذور ماڻهن جي لاءِ عوامي جاين ۽ خدمتن تائين پهچ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معذور ماڻهن جي معاشري ۾ ڀرپور شرڪت جي لاءِ محفوظ رستا، فوٽ پاٿ، پهچ جوڳي پبلڪ ٽرانسپورٽ، عمارتون، تعليمي ادارا ۽ ڪم جون جايون ضروري آهن. هن اها ڳالهه سفيد لٺ جي …
صدر پاران معذور ماڻهن جي لاءِ عوامي جاين ۽ خدمتن تائين پهچ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور
اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري معذور ماڻهن جي لاءِ عوامي جاين ۽ خدمتن تائين پهچ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معذور ماڻهن جي معاشري ۾ ڀرپور شرڪت جي لاءِ محفوظ رستا، فوٽ پاٿ، پهچ جوڳي پبلڪ ٽرانسپورٽ، عمارتون، تعليمي ادارا ۽ ڪم جون جايون ضروري آهن. هن اها ڳالهه سفيد لٺ جي تحفظ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ۾ چئي جيڪو 15 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. صدر ڏسڻ کان محروم ۽ جزوي بينائي رکندڙ ماڻهن، انهن جي گهرڀاتين ۽ انهن جي ڀلائي ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته سفيد لٺ ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ چرپر جو هڪ اهم ذريعو آهي، جيڪا انهن کي محفوظ ۽ آزاداڻي طور تي گهمڻ ڦرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي، ان جي ذريعي تعليم، روزگار، عوامي خدمتن ۽ روزاني جي زندگي جي ٻين شعبن تائين پهچ ۾ نمايان بهتري اچي سگهي ٿي. هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته آزاداڻي چرپر جو دارومدار ان ماحول تي به آهي جنهن ۾ ماڻهو رهن ٿا، معذور ماڻهن جي معاشري ۾ ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ محفوظ رستا، فوٽ پاٿ، پهچ جوڳي پبلڪ ٽرانسپورٽ، عمارتون، تعليمي ادارا ۽ ڪم جون جايون ضروري آهن. صدر معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ جي اداري (ڊي اي پي ڊي) جي قيام تي سنڌ حڪومت کي ساراهيندي چيو ته هي ادارو معذور ماڻهن جي بحالي، انهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي جي لاءِ خصوصي طور تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٻين صوبن ۾ به اهڙي نوعيت جا مخصوص اداراجاتي انتظام معذوري بابت معاملن تي مسلسل ۽ ٺوس ڌيان يقيني بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجيز ۽ مصنوعي ذهانت ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري رهيون آهن جڏهن ته سفيد ڇري آزاداڻي چرپر جي لاءِ بدستور هڪ سادو، قابل اعتماد ۽ ضروري ذريعو آهي. صدر پاڪستان ايسوسيئيشن آف دي بلائنڊ ۽ ٻين تنظيمن پاران ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي حقن، تحفظ ۽ خودمختياري جي فروغ جي لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي هن عوامي جاين ۽ خدمتن تائين پهچ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي زور ڀريو ته جيئن معذور ماڻهو آزاداڻي طور تي چرپر ڪري سگهن، دستياب موقعن مان فائدو کڻن ۽ معاشرتي زندگي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري سگهن.











