اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جو افتتاح پاڪستان جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل معيشت طرف اهم سنگ ميل آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جو افتتاح ۽ ڊيجيٽل رابطن جي دائري ۾ واڌ پاڪستان جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل معيشت طرف اڳڀرائي ۾ اهم سنگ ميل آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جدت، سيڙپڪاري ۽ آءِ ٽي روانگي واپار …

اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جو افتتاح ۽ ڊيجيٽل رابطن جي دائري ۾ واڌ پاڪستان جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل معيشت طرف اڳڀرائي ۾ اهم سنگ ميل آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جدت، سيڙپڪاري ۽ آءِ ٽي روانگي واپار جي فروغ جي نئين موقعن سان پاڪستان هڪ وڌيڪ ٺوس ۽ خوشحال مستقبل طرف گامزن آهي.