چوڌري محمود بشير ورڪ پنهنجي خدمتن، ڪردار ۽ يارن ذريعي سدائين ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهندو: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، چوڌري محمود بشير ورڪ جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم جي سياسي، پارلياماني ۽ قانوني خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. اڱاري تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته چوڌري محمود بشير ورڪ پنجون ڀيرو ايم اين اي چونڊيو ويو …

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، چوڌري محمود بشير ورڪ جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم جي سياسي، پارلياماني ۽ قانوني خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. اڱاري تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته چوڌري محمود بشير ورڪ پنجون ڀيرو ايم اين اي چونڊيو ويو ۽ ڏکين سياسي حالتن ۾ به پنهنجي قائد ميان محمد نواز شريف سان ثابت قدمي سان بيٺل رهيو. هن پارٽي پاران سونپيل زميواريون احسن انداز ۾ نڀايون، جڏهن ته سندس قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين طور به خدمتون تحسين جوڳيون آهن. هن چيو ته گذريل سال هڪ حساس قانوني معاملي ۾ به محمود بشير ورڪ نهايت بردباري ۽ دانشمندي سان صورتحال کي سنڀاليو. هن مرحوم لاءِ مغرفت جي دعا ۽ سندس خاندان لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.