اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ (اربع) ڏينهن 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر چوڌري محمود بشير ورڪ جي لاڏاڻي تي تعزيتي سيشن منعقد ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف به شريڪ ٿيو. وفاقي وزيرن ۽ مختلف پارٽين جي ميمبرن مرحوم چوڌري محمود بشير ورڪ جي لاڏاڻي تي گهري …
قومي اسيمبلي جو اجلاس اربع ڏينهن 11 وڳي تائين ملتوي

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ (اربع) ڏينهن 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر چوڌري محمود بشير ورڪ جي لاڏاڻي تي تعزيتي سيشن منعقد ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف به شريڪ ٿيو. وفاقي وزيرن ۽ مختلف پارٽين جي ميمبرن مرحوم چوڌري محمود بشير ورڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سندس خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. بعد ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي اڄ (اربع) ڏينهن 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.








