اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت سياسي ڳالهه ٻولهه ۽ مفاهمت جي ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان کي درپيش دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي اختلافن کي پاسي تي رکندي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، دهشتگردي جي خلاف وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي …
حڪومت سياسي ڳالهه ٻولهه ۽ مفاهمت جي ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت سياسي ڳالهه ٻولهه ۽ مفاهمت جي ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان کي درپيش دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي اختلافن کي پاسي تي رکندي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، دهشتگردي جي خلاف وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ڇو ته ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي هن چيو ته آئين تحت هنگامي قدمن جي لاءِ پارليامينٽ جي منظوري جو طريقيڪار موجود آهي ۽ حڪومت آئيني گهرجن موجب اڳتي وڌندي. هن واضح ڪيو ته آئين جي خلاف ورزي جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. اسحاق ڊار چيو ته دهشتگردي جي مسئلي کي رڳو سياسي بحث تائين محدود نه رکڻ گهرجي پر زميني حقيقتن ۽ قومي سلامتي کي نظر ۾ رکندي ان جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. هن خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن جو حوالو ڏيندي چيو ته ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صوبائي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ موثر تعاون لازمي آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف قدمن ۾ صوبائي وسيلن جي استعمال، حڪومتي ذميوارين ۽ سياسي قيادت جي ڪردار کي پڻ سامهون رکڻ گهرجي، قومي سلامتي جي معاملن تي سمورين سياسي پارٽين کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ماضي ۾ معاشي ترقي جا اهم مرحلا ڏٺا آهن ۽ ملڪ کي ٻيهر استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ سياسي استحڪام، معاشي سڌارا ۽ قومي يڪجهتي ضروري آهن. هن چيو ته حڪومت سياسي ڳالهه ٻولهه ۽ مفاهمت جي ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته قومي سلامتي جي معاملن تي موثر ۽ پائيدار قدم وقت جي اهم ضرورت آهن، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مصلحت قومي مفاد تي غالب نه اچڻ گهرجي. اسحاق ڊار سياسي قيادت تي زور ڀريو ته اها پاڪستان کي درپيش اندروني ۽ پرڏيهي چئلينجز جو ادراڪ ڪري ۽ قومي مفاد کي مٿانهون رکندي دهشتگردي جي خاتمي ۽ ملڪي استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.









