رحمان بابا ايڪسپريس حادثي جي جاچ ڪري ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو: ريلوي وارو وفاقي وزير

ملتان - 13 آڪٽوبر (اي پي پي)ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته رحمان بابا ايڪسپريس ٽرين حادثي ۾ هڪ معصوم ٻار سميت چار ماڻهو شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته 30 جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. حادثي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي ۽ جيڪو به ذميوار هوندو ان کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. متاثرن جي …

ملتان – 13 آڪٽوبر (اي پي پي)ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته رحمان بابا ايڪسپريس ٽرين حادثي ۾ هڪ معصوم ٻار سميت چار ماڻهو شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته 30 جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. حادثي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي ۽ جيڪو به ذميوار هوندو ان کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. متاثرن جي مالي امداد به ڪئي ويندي. وفاقي وزير حنيف عباسي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته حادثي جو اطلاع ملندي ئي وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ واقعي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته حادثي ۾ قيمتي انساني حياتين جو نقصان افسوسناڪ آهي، ان نقصان جو ڪجهه به متبادل ناهي. اسان به ٻارن ٻچن وارا آهيون ۽ ڪنهن خاندان جي پيارن جو وڇڙڻ ناقابل تلافي آهي. حادثو ٿيڻ نه گهرجي، ان جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف حادثي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي جيڪو به ان واقعي ۾ ملوث ڏٺو ويو ان خلاف قانون موجب ڪارروائي ويندي. وفاقي وزير حادثي کان پوءِ امدادي ڪارروائين ۾ حصو وٺندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ضلعي انتظاميه، پاڪستان ريلوي، پاڪ فوج جي جوانن ۽ ريسڪيو اهلڪارن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي.