اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، هائپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائيل فتح 2 اي آر جي ڪامياب تجربي تي پوري قوم، هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون ڏنيون آهن. اڱاري ڏينهن مبارڪن واري پيغام ۾ هن بيلسٽڪ ميزائيل فتح 2 اي آر جي تجربي تي هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته فتح 2 اي آر …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران هائپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائيل فتح 2 اي آر جي ڪامياب تجربي تي قوم، هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، هائپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائيل فتح 2 اي آر جي ڪامياب تجربي تي پوري قوم، هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون ڏنيون آهن. اڱاري ڏينهن مبارڪن واري پيغام ۾ هن بيلسٽڪ ميزائيل فتح 2 اي آر جي تجربي تي هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته فتح 2 اي آر جو ڪامياب تجربو پاڪ فوج جي سائنسي ۽ فني مهارتن جو مظهر آهي، پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ هٿياربند فوج، سائنسدانن ۽ انجنيئرن جون ڪاوشون واکاڻ جوڳيون آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته فتح 2 اي آر جو ڪامياب تجربو ملڪي دفاع ۽ قومي خود انحصاري طرف اهم اڳڀرائي آهي، قومي دفاع کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج ۽ سائنسي ماهرن جون پيشيواراڻيون صلاحيتون فخر جوڳيو آهن.









