پشاور- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي اطلاعات بابت صلاحڪار ثمر هارون بلور ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ نگار جوهر خان سان منسوب ڪيل صحت ڪارڊ جي خاتمي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پکيڙيل بيان کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي ميڊيا کي جاري بيان ۾ ڪيو. ثمر هارون بلور چيو ته صحت ڪارڊ جي حوالي سان ڪجهه ڌريون پروپينگنڊا پکيڙڻ جي ناڪام …
ليفٽيننٽ جنرل (ر) نگار جوهر خان سان منسوب ڪيل صحت ڪارڊ جي خاتمي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پکڙيل بيان ڪوڙو آهي: ثمر هارون بلور

مزید خبریں
پشاور- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي اطلاعات بابت صلاحڪار ثمر هارون بلور ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ نگار جوهر خان سان منسوب ڪيل صحت ڪارڊ جي خاتمي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پکيڙيل بيان کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي ميڊيا کي جاري بيان ۾ ڪيو. ثمر هارون بلور چيو ته صحت ڪارڊ جي حوالي سان ڪجهه ڌريون پروپينگنڊا پکيڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پروفيسر ڊاڪٽر نوشيروان برڪي جي ٽرمينيشن جي حوالي سان گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن به نقلي آهي. هن چيو ته اسان ڪنهن به قسم جي انتقامي ڪارروائي نه ڪنداسين. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي عوام جي خدمت ۽ شفاف ڪارڪردگي اسان جي اولين ترجيح آهي.









