وزيراعظم سان يورپي يونين جي لاءِ گهرو معاملن ۽ مائيگريشن بابت ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد - 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غيرقانوني هجرت جي روڪٿام ۽ انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ قانونسازي جي سڌارن، اداراجاتي استحڪام، موثر ڪارروائي ۽ عالمي تعاون جي ذريعي پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني هنرمند ڪارڪنن ۽ پيشيور ماڻهن جي لاءِ قانوني رستا کولڻ سان جتي يورپي ملڪن جي ليبر مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ٿينديون، اتي غيرقانوني طريقن …

اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غيرقانوني هجرت جي روڪٿام ۽ انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ قانونسازي جي سڌارن، اداراجاتي استحڪام، موثر ڪارروائي ۽ عالمي تعاون جي ذريعي پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني هنرمند ڪارڪنن ۽ پيشيور ماڻهن جي لاءِ قانوني رستا کولڻ سان جتي يورپي ملڪن جي ليبر مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ٿينديون، اتي غيرقانوني طريقن ۽ اسمگلنگ جي ڄار ۾ ڦاسڻ جي خطرن ۾ پڻ گهٽتائي ايندي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يورپي يونين جي لاءِ گهرو معاملن ۽ مائيگريشن بابت ڪمشنر ميگنس برونر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ هجرت (مائيگريشن) ۽ چرپر (موبلٽي) جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪيئ جيڪو پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ انگيجمنٽ پلان 2019ع جي 8 اهم ٿنڀن مان هڪ آهي. ڪمشنر برونر کي سندس پاڪستان جي پهرين دوري تي ڀليڪار چوندي وزيراعظم يورپي يونين سان پاڪستان جي حصيداري جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ انگيجمنٽ پلان جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم غيرقانوني هجرت جي روڪٿام ۽ انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ قانونسازي جي سڌارن، اداراجاتي استحڪام، موثر ڪارروائي ۽ عالمي تعاون جي ذريعي پاڪستان جي مسلسل ڪوششن جو ذڪر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته غيرقانوني چرپر کي روڪڻ جي ڪوششن سان گڏوگڏ محفوظ، منظم ۽ قانوني هجرت جا عملي موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان هنرمند ڪارڪنن ۽ پيشيور ماڻهن جي لاءِ قانوني رستا کولڻ سان جتي يورپي ملڪن جي ليبر مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ٿينديون، اتي غيرقانوني طريقن ۽ اسمگلنگ جي ڄار ۾ ڦاسڻ جي خطرن ۾ پڻ گهٽتائي ايندي. ڪمشنر برونر پاڪستان حڪومت جي قدمن ۽ فراهم ڪيل تعاون کي ساراهيو. هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهي ڪوششون قانوني هجرت جا رستا کولڻ ۽ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل ليبر موبلٽي (ملازمن جي لاءِ چرپر) جي فروغ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪنديون.

مزید خبریں