خيبرپختونخوا جي گورنر سان وفاقي وزير امير مقام جي ملاقات

پشاور- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ ڪي پي ڪي جي مجموعي امن امان جي صورتحال، سياسي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪي پي …

پشاور- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ ڪي پي ڪي جي مجموعي امن امان جي صورتحال، سياسي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪي پي ڪي جي عوام انتشار ۽ ڇڪتاڻ جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. صوبي ۾ امن امان جي قيام، دهشتگردي جي خاتمي ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ممڪن تعاون ۽ اثرائتا قدم جاري رکيا ويندا.