لاڙڪاڻو- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا. پوليس ترجمان موجب نئون ديرو ٿاڻو جي حدن ۾ رائيس ڪئنال پل واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ واردات جي نيت سان بيٺل ڌاڙيل جو مقابلو ٿي پيو. مقابلي دوران ٻنھي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ پستول ۽ گولين …
لاڙڪاڻو ۾ پوليس مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار هٿ
لاڙڪاڻو- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا. پوليس ترجمان موجب نئون ديرو ٿاڻو جي حدن ۾ رائيس ڪئنال پل واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ واردات جي نيت سان بيٺل ڌاڙيل جو مقابلو ٿي پيو. مقابلي دوران ٻنھي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ پستول ۽ گولين سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل جي سڃاڻپ ياسين گوپانگ جي نالي سان ٿي آهي. شروعاتي جاچ ۽ حاصل ڪيل معلومات موجب ڄاڻايل ڌاڙيل لاڙڪاڻو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ۾ سنگين ڏوهن ۽ ڪيسن ۾ ملوث آهي. باقي فرار ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران سرچ آپريشن جاري آهي.












