صدارتي پروڪليميشن جي آجيان، ڪي پي ڪي جو عوام انتشار بجاءِ امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جو خواهشمند آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي جو عوام صدارتي پروڪليميشن جي آجيان ڪري ٿو، هو انتشار بجاءِ امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جو خواهشمند آهي. گورنر هائوس جي ترجمان مطابق پنهنجي وڊيو پيغام ۾ گورنر واضح موقف اختيار ڪندي چيو ته صوبي جي عوام فيصلو ڪري ورتو آهي ته هو وڌيڪ فتنه الخوارج جو ساٿ نه ڏيندو. هن واضح ڪيو …

پشاور- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبي جو عوام صدارتي پروڪليميشن جي آجيان ڪري ٿو، هو انتشار بجاءِ امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جو خواهشمند آهي. گورنر هائوس جي ترجمان مطابق پنهنجي وڊيو پيغام ۾ گورنر واضح موقف اختيار ڪندي چيو ته صوبي جي عوام فيصلو ڪري ورتو آهي ته هو وڌيڪ فتنه الخوارج جو ساٿ نه ڏيندو. هن واضح ڪيو ته عوام پنهنجي سيڪيورٽي ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي دهشتگردن خلاف آخري ساهه تائين وڙهندو ڇاڪاڻ ته صوبي جو عوام بنيادي طور امن پسند آهي ۽ ڪنهن قسم جي دهشتگردي يا پر تشدد ڪارروائين جي حمايت نه ڪندو. هن چيو ته ڪي پي ڪي جو عوام ٻين صوبن سان ڀائراڻن لاڳاپن ۽ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو ته جيئن گڏيل ڪوششن سان ملڪ ۽ صوبي ۾ ترقي جا ثمر عام ماڻهو تائين پهچي سگهن ۽ جمهوري قدر مستحڪم ٿين. هن عوام تي زور ڀريو ته هو ڪنهن به قسم جي قانون جي ڀڃڪڙي، اشتعال انگيزي ۽ فساد کان مڪمل پاسو ڪن. هن خبردار ڪيو ته امن امان خراب ڪرڻ ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.