پشاور-09 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي خيبر ضلعي جي تعلقي جمرود ۾ فائرنگ جي ٻن مختلف واقعن ۾ ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي شهيد اهلڪارن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندانن جي ڏک ۾ برابر …
خيبرپختونخوا جي گورنر پاران جمرود ۾ ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار
پشاور-09 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي خيبر ضلعي جي تعلقي جمرود ۾ فائرنگ جي ٻن مختلف واقعن ۾ ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي شهيد اهلڪارن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوارن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. گورنر چيو ته امن امان قائم ڪرڻ ۽ عوام جي تحفظ لاءِ پوليس اهلڪارن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن. ملڪ ۽ قوم جي تحفظ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ بهادر اهلڪارن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.












