نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جرمني جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سلمان شريف جي ملاقات

اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جرمني جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سلمان شريف ملاقات ڪئي. جمعي جي ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سلمان شريف کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ جرمني جي لاڳاپن کي خاص طور تي اقتصادي تعاون کي وڌائڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جي …

اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان جرمني جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سلمان شريف ملاقات ڪئي. جمعي جي ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سلمان شريف کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ جرمني جي لاڳاپن کي خاص طور تي اقتصادي تعاون کي وڌائڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان وڌيڪ مضبُوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته جرمني ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري سان ويجها رابطا، انهن جي ڀلائي جي لاءِ مدد ۽ موثر قونصلر خدمتن جي فراهمي سفارتخاني جي اهم ترجيحن ۾ شامل رهڻ گهُرجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير وزيراعظم آفيس ۾ جوائنٽ سيڪريٽري جي حيثيت سان سلمان شريف جي گذريل خدمتن کي ساراهيو ۽ سندس نئين ذميوارين جي لاءِ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.