ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ اينڊ اينيمل هسبنڊري لاڙڪاڻو پاران گوشال ڪيٽل فارم جو دورو

لاڙڪاڻو – 08 آڪٽوبر (اي پي پي)ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ اينڊ اينيمل هسبنڊري لاڙڪاڻو ڊاڪٽر منصور علي جوڻيجو خميس ڏينهن گوشال ڪيٽل فارم جو دورو ڪري بيمار جانورن جي علاج، اسپري، ماهوار پروگريس ريويو اجلاس ۾ فيلڊ سرگرمين ۽ ويڪسينيشن جو جائزو ورتو. تفصيل موجب ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ اينڊ اينيمل هسبنڊري لاڙڪاڻي ڊاڪٽر منصور علي جوڻيجو گوشال ڪيٽل فارم لاڙڪاڻي جو پاڻ فيلڊ دورو ڪيو، جتي هندو برادري پاران هلندڙ فارم ۾ جانورن جي صحت، سار سنڀال، صفائي ۽ ٻين …

لاڙڪاڻو – 08 آڪٽوبر (اي پي پي)ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ اينڊ اينيمل هسبنڊري لاڙڪاڻو ڊاڪٽر منصور علي جوڻيجو خميس ڏينهن گوشال ڪيٽل فارم جو دورو ڪري بيمار جانورن جي علاج، اسپري، ماهوار پروگريس ريويو اجلاس ۾ فيلڊ سرگرمين ۽ ويڪسينيشن جو جائزو ورتو. تفصيل موجب ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ اينڊ اينيمل هسبنڊري لاڙڪاڻي ڊاڪٽر منصور علي جوڻيجو گوشال ڪيٽل فارم لاڙڪاڻي جو پاڻ فيلڊ دورو ڪيو، جتي هندو برادري پاران هلندڙ فارم ۾ جانورن جي صحت، سار سنڀال، صفائي ۽ ٻين معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. فيلڊ وزٽ دوران ٽيڪنيڪل آفيسر ڊاڪٽر نبي بخش ڀٽو، ويٽرنري آفيسر ڊاڪٽر سعيد ميراڻي ۽ ايس اي ٽيم پڻ ساڻس گڏ هئي. ڊاڪٽر منصور علي جوڻيجو فارم جي منتظمين سنيـل ڪمار ۽ گھنشام داس سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بيمار جانورن جو معائنو ڪري کين علاج فراهم ڪيو ويو، جڏهن ته فارم جي خالي حصي ۾ جانورن کي چيچڙن کان محفوظ رکڻ لاءِ اينٽي ٽڪ اسپري پڻ ڪيو ويو. ڊاڪٽر منصور علي جوڻيجو فارم جي انتظاميا ۽ عملي کي جانورن جي بهتر سار سنڀال، صفائي ۽ بيمارين کان بچاءَ بابت ضروري هدايتون ڏنيون. جانورن جي باقاعده نگراني لاءِ هڪ ويٽرنري آفيسر کي مستقل بنيادن تي فارم جو دورو ڪرڻ جي ذميواري پڻ سونپي وئي. فارم انتظاميا پاران لائيو اسٽاڪ کاتي طرفان جاري ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ جانورن جي باقاعده سار سنڀال جي خاطري ڪرائي وئي. بعد ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر منصور علي جوڻيجو جي صدارت هيٺ ماهوار پروگريس ريويو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ماهوار ويڪسينيشن جي اڳڀرائي، اي ڊي آر ۽ ٻين رپورٽن، او پي ڊي جي ڪم، عملي جي حاضري ۽ وقت جي پابندي، فيلڊ سرگرمين، روزانو جي رپورٽن، رڪارڊ جي سار سنڀال، ڪارڪردگي چارٽن، اي سي آرز ۽ ٻين آفيس جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.ان موقعي تي ڊاڪٽر منصور علي جوڻيجو ويٽرنري آفيسرن کي هدايت ڪئي ته فيلڊ سرگرمين کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي، جانورن جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ باقاعده دورا يقيني بڻايا وڃن، رپورٽون وقت سر جمع ڪرايون وڃن ۽ سمورو سرڪاري رڪارڊ باقاعدگي سان مڪمل ۽ محفوظ رکيو وڃي. ڊاڪٽر منصور علي جوڻيجو چيو ته مالوند جانورن جي صحت، بروقت علاج ۽ بهتر سار سنڀال لائيو اسٽاڪ کاتي جي پهرين ترجيح ۾ شامل آهن. فيلڊ سرگرمين ۽ نگراني واري نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي جانورن کي بيمارين کان محفوظ رکڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.