لاڙڪاڻو - 08 آڪٽوبر(اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس قتل جي ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن جو گهيرو وڌيڪ تنگ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پوليس جو فرار ٿي ويل ۽ گهربل جوابدارن خلاف ڇهين ڏينهن به آپريشن جاري رهيو. لاڙڪاڻو پوليس جي ترجمان موجب آپريشن ۾ بڪتر بند گاڏيون، پوليس موبائيلون ۽ وڏي پوليس نفري حصو وٺي رهي آهي،لاڙڪاڻو پوليس جي جوڙيل ٽيمن جو مختلف شڪي ٺڪاڻن، جوابدارن جي فرار ٿيڻ وارن …
لاڙڪاڻو پوليس پاران قتل جي ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن جو گهيرو وڌيڪ تنگ، آپريشن ڇهين ڏينهن به جاري
لاڙڪاڻو – 08 آڪٽوبر(اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس قتل جي ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن جو گهيرو وڌيڪ تنگ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پوليس جو فرار ٿي ويل ۽ گهربل جوابدارن خلاف ڇهين ڏينهن به آپريشن جاري رهيو. لاڙڪاڻو پوليس جي ترجمان موجب آپريشن ۾ بڪتر بند گاڏيون، پوليس موبائيلون ۽ وڏي پوليس نفري حصو وٺي رهي آهي،لاڙڪاڻو پوليس جي جوڙيل ٽيمن جو مختلف شڪي ٺڪاڻن، جوابدارن جي فرار ٿيڻ وارن رستن ۽ علائقن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪيو پيو وڃي. پوليس آپريشن دوران فرار ٿي ويل ۽ سنگين ڪيسن ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان چيو آهي ته قانون کان فرار جوابدارن خلاف ڪارروايون بغير وقفي جي جاري رهنديون، سمورن فرار ٿي ويل جوابدارن جي گرفتاري تائين پوليس آپريشن جاري رهندو.












