ڊي سي لاڙڪاڻو جي صدارت ۾ سيپٽمبر 2026ع جي قومي پوليو مهم کانپوءِ جائزي وارو اجلاس منعقد

لاڙڪاڻو- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت هيٺ گذريل مهيني سيپٽمبر 2026ع جي قومي پوليو مهم کانپوءِ جائزي وارو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، تعلقه هيلٿ آفيسرن، وڏين اسپتالن جي ايم ايس، ضلعي ايمرجنسي آپريشنز سينٽر جي ڀائيوارن ۽ لاڳاپيل کاتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو، نيشنل اسٽاپ ٽرانسميشن آف پوليو آفيسر ڊاڪٽر اياز …

لاڙڪاڻو- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت هيٺ گذريل مهيني سيپٽمبر 2026ع جي قومي پوليو مهم کانپوءِ جائزي وارو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، تعلقه هيلٿ آفيسرن، وڏين اسپتالن جي ايم ايس، ضلعي ايمرجنسي آپريشنز سينٽر جي ڀائيوارن ۽ لاڳاپيل کاتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو، نيشنل اسٽاپ ٽرانسميشن آف پوليو آفيسر ڊاڪٽر اياز احمد ميمڻ ۽ صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر لياقت علي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي سيپٽمبر 2026ع جي مهم جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني ۽ ان جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سمورن تعلقن ۾ انتظامي ۽ نگرانيءَ جي ڪوريج جي شرح 95 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي. ان کان علاوه، آزاد نگرانيءَ واري پراسيس لاٽ ڪوالٽي اشوئرنس سيمپلنگ  جا سمورا ‘لاٽس’ پڻ ڪامياب رهيا. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو سيپٽمبر 2026ع واري مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سڀني جي گڏيل ۽ وقف ٿيل ڪوششن کي ساراهيو ۽ سمورن لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو ته اهي پنهنجي مڪمل وابستگيءَ جو مظاهرو ڪن. وڌيڪ هدايت ڪئي وئي ته مائيڪرو پلاننگ ۽ تربيتي سرگرميون انتهائي گهرائيءَ سان انجام ڏنيون وڃن ته جيئن ڪوبه ٻار مهم ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي نه وڃي ۽ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻ واري عمل ۾ ڪا گھٽتائي يا خامي باقي ره رهي. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو سمورن شرڪت ڪندڙن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ کين ايندڙ مهم لاءِ پڻ انهيءَ جذبي سان ڪم جاري رکڻ جي ھدايت ڪئي.