اروشا- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جامع طرز حڪمراني، امن، ڳالهين ۽ سڀني لاءِ برابر موقعن جي عزم جي تجديد تي زور ڀريندي چيو آهي ته هڪ ٻئي سان ڳنڍيل دنيا ۾ پائيدار ترقي ۽ انساني بااختياري جو عالمي امن ۽ استحڪام سان گهرو تعلق آهي. هن اها ڳالهه تنزانيا جي شهر اروشا ۾ بين الپارلياماني يونين (IPU) جي 153 هين اسيمبلي کي خطاب …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران جامع طرز حڪمراني، امن ۽ عالمي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي زور

مزید خبریں
اروشا- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جامع طرز حڪمراني، امن، ڳالهين ۽ سڀني لاءِ برابر موقعن جي عزم جي تجديد تي زور ڀريندي چيو آهي ته هڪ ٻئي سان ڳنڍيل دنيا ۾ پائيدار ترقي ۽ انساني بااختياري جو عالمي امن ۽ استحڪام سان گهرو تعلق آهي. هن اها ڳالهه تنزانيا جي شهر اروشا ۾ بين الپارلياماني يونين (IPU) جي 153 هين اسيمبلي کي خطاب ڪندي چئي. اسيمبلي جو موضوع ”شموليت، اعتماد ۽ سڀني لاءِ موقعن ذريعي سٺي حڪمراني کي هٿي ڏيڻ ۽ معاشرن کي بااختيار بڻائڻ“ آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته شموليت، اعتماد، امن ۽ موقعن جا اصول صرف رياستن اندر گورننس تائين محدود نه هجڻ گهرجن پر قومن جي گڏيل لاڳاپن جو بنياد پڻ بڻجڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان گهڻ رخي نظام، ڳالهين ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پرعزم آهي. موجوده دور ۾ دنيا کي تڪرارن، دهشتگردي، انساني بحرانن ۽ وڌندڙ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ درپيش آهي، اهڙي ۾ پارليامينٽون قومن وچ ۾ مفاهمت ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. سينيٽ چيئرمين وچ اوڀر جي تازي بحران دوران پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان مسلسل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، ڳالهين ۽ جنگ بندي جي حمايت ڪري رهيو آهي ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت جاري رکي ٿو. هن غزه ۾ فوري ۽ مستقل جنگ بندي، انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ فلسطين جي مسئلي جي لاڳاپيل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن مطابق منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي زور ڀريو. سينيٽ چيئرمين ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجايو ۽ چيو ته ڪشميري عوام کي لاڳاپيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق خود اراديت جو حق حاصل هجڻ گهرجي. هن حل نه ٿيل تڪرارن ۽ ڇڪتاڻ جي مسئلن تي مسلسل عالمي ڌيان جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پائيدار امن لاءِ، تڪرارن جي بنيادي سببن کي پرامن ذريعن ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ ضروري آهي. سيد يوسف رضا گيلاني امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ ۾ علائقائي تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪندي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي جو حوالو ڏنو ۽ ان کي علائقائي استحڪام لاءِ اجتماعي ذميواري ۽ تعاون جو مظهر قرار ڏنو. هن چيو ته امن کانسواءِ پائيدار ترقي ۽ سلامتي کان بنا حقيقي بااختياري ِ ممڪن ناهي. دهشتگردي خلاف پاڪستان جي جدوجهد جو ذڪر ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ امن ۽ سلامتي لاءِ عالمي ۽ علائقائي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي پارلياماني تجربي جو ذڪر ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته سينيٽ آف پاڪستان جامع اصول جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ سڀني وفاقي يونٽن کي برابر نمائندگي فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته پارليامينٽ معاشري جي پٺتي پيل ۽ محروم طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ۽ انهن جي سياسي ۽ آئيني شموليت کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جو به ذڪر ڪيو، جنهن ۾ 40 کان وڌيڪ ملڪن جي پارلياماني اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ ڪانفرنس جي پڄاڻي تي اسلام آباد پڌرنامو منظور ڪيو ويو. هن چيو ته پڌرنامي جا رهنما اصول ”اختلافن بدران ڳالهيون، ورهاست بدران شموليت ۽ محرومي بدران ترقي“ اڄ عالمي برادري کي درپيش گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ به نهايت اهم آهن. پنهنجي خطاب جي پڄاڻيءَ تي سينيٽ چيئرمين چيو ته جمهوريت جي حقيقي طاقت انساني وقار جي تحفظ، امن کي هٿي ڏيڻ ۽ سڀني لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت سان ماپي ويندي آهي. هن پارليامينٽن تي زور ڀريو ته هو ڳالهه ٻولهه کي هٿي ڏين، پارلياماني سفارتڪاري کي مضبوط ڪن ۽ وڌيڪ پرامن، جامع ۽ منصفاڻي عالمي نظام جي تعمير لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪن. سينيٽ چيئرمين چيو ته اروشا ۾ آءِ پي يو برادري سان لاڳاپيل مختلف ملڪن جي پارلياماني وفدن جي شرڪت ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته قومن وچ ۾ ڳالهين جي اهميت اڄ به برقرار آهي. هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن عالمي برادري ڳنڀير چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، هتي اسان جي اجتماعي موجودگي ان ڳالهه جي يادگيري آهي ته اختلاف اسان کي هڪٻئي کان جدا ڪرڻ لاءِ ضروري ناهن، پر ڳالهه ٻولهه، گڏيل احترام ۽ تعاون ذريعي پارليامينٽون ورهاست جي هنڌ تي پُل تعمير ڪرڻ ۽ هڪ وڌيڪ پرامن ۽ محفوظ دنيا جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.










