راولپنڊي- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مقامي طور تي تيار ڪيل زمين کان لانچ ٿيندڙ ڪروز ميزائل ”فتح 4“ جي وڌايل ورزن جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ”فتح 4“ وڌايل ورزن جديد ايويونڪس ۽ جديد ترين نيوي گيشن معاون نظام سان ليس آهي، جيڪو ڊگهي فاصلي تائين پنهنجي هدفن کي انتهائي درستگي ۽ اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. پاڪ …
پاڪستان پاران مقامي طور تي تيار ڪيل ڪروز ميزائل ”فتح 4“ جي وڌايل ورزن جو ڪامياب تجربو

مزید خبریں
راولپنڊي- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مقامي طور تي تيار ڪيل زمين کان لانچ ٿيندڙ ڪروز ميزائل ”فتح 4“ جي وڌايل ورزن جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ”فتح 4“ وڌايل ورزن جديد ايويونڪس ۽ جديد ترين نيوي گيشن معاون نظام سان ليس آهي، جيڪو ڊگهي فاصلي تائين پنهنجي هدفن کي انتهائي درستگي ۽ اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته تجربي دوران ميزائل جي مختلف ذيلي نظامن جي اضافي فني پيرا ميٽرز جي به باقاعده توثيق ڪئي وئي. انهن فني پئمانن جو بنيادي مقصد ميزائل جي درستگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ جنگ جي ميدان ۾ ان جي بقا جي صلاحيت کي اڳ کان وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ آهي. آءِ ايس پي آر هن ڪامياب تجربي کي پاڪستان جي مجموعي دفاعي ۽ فني صلاحيتن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. ميزائل تجربي جو مشاهدو پاڪ فوج جي اعليٰ فوجي آفيسرن کانسواءِ ميزائل سسٽم تيار ڪندڙ اداري جي مشهور سائنسدانن ۽ انجنيئرن ڪيو. صدر، وزيراعظم، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير ۽ سروسز چيفس ”فتح-4“ جي وڌايل ورزن جي ڪامياب تجربي تي لاڳاپيل اختيارين کي مبارڪون ڏنيون. ملڪي اعليٰ سياسي ۽ فوجي قيادت ان اهم دفاعي سنگ ميل کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سائنسدانن، انجنيئرن ۽ ٽيڪنيڪل عملي جي پيشيوراڻي صلاحيت، لڳن ۽ بي لوث عزم کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو.










