اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي گهڻ رخي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پولينڊ سان گڏيل احترام تي ٻڌل پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان هڪ ذميوار رياست جي حيثيت سان علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ تڪرارن کي ڳالهه …
صدر آصف علي زرداري سان پولينڊ جي وزير ۽ خصوصي خدمتن واري ڪوآرڊينيٽر جي ملاقات، صدر آصف علي زرداري پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي گهڻ رخي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي گهڻ رخي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پولينڊ سان گڏيل احترام تي ٻڌل پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان هڪ ذميوار رياست جي حيثيت سان علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ تڪرارن کي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون جاري رکندو. هن اها ڳالهه پولينڊ جي وزير، ڪائونسل آف منسٽرز جي ميمبر ۽ خصوصي خدمتن جي ڪوآرڊينيٽر توماش سيئمونيئڪ سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران صدر اميد ظاهر ڪئي ته هي دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي ان کي ٻنهي ملڪن ۽ انهن جي عوام جي گڏيل مفاد جي لاءِ هڪ گهڻ رخي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر تازي آمريڪا – ايران بحران دوران پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي تسليم ڪرڻ تي پولينڊ جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار رياست جي حيثيت سان علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ تڪرارن کي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون جاري رکندو. هن 1991ع کانپوءِ پولينڊ جي شاندار معاشي ترقي کي ساراهيو جنهن جي نتيجي ۾ پولينڊ جي معيشت هڪ ٽريلين ڊالر جي سطح تائين پهتي. هن ان تاريخي دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطن، عوامي سطح جي مٽاسٽا ۽ اعلى قيادت جا باقاعده رابطا وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. صدر يورپي يونين جي جي ايس پي پلس پروگرام جي حوالي سان پاڪستان جي لاءِ پولينڊ جي حمايت کي ساراهيو ۽ اعتماد ظاهر ڪيو ته ٻئي ملڪ علائقائي ۽ گهڻ رخي فورمز تي پنهنجي موجوده گڏيل تعاون ۽ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا. توماش سيئمونيئڪ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان خاص طور تي سياسي، اقتصادي ۽ عوامي سطح تي رابطا وڌائي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پولينڊ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن صدر آصف علي زرداري جي لاءِ پولينڊ جي صدر ۽ وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن ۽ مبارڪباد جا جذبا پڻ پهچايا. هن چيو ته پولينڊ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مضبوط ۽ پراڻا لاڳاپا آهن جن ۾ دفاعي شعبي ۾ تعاون پڻ شامل آهي، خاص طور تي پولينڊ جي فضائيه جي پائليٽس ۽ ٽڪنيڪي ماهرن جون خدمتون ذڪر جوڳيون آهن. هن چيو ته پولينڊ پاڪستان سان سيڪيورٽي، اميگريشن ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي امڪانن جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ پاڪستان سان دفاعي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. صدر کي اهو به ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي هڪ رستي جو نالو ايئر ڪموڊور ولاديسلاويوزف ماريان تورووچ جي نالي تي رکيو پيو وڃي، جنهن ٻي جنگ عظيم دوران پولينڊ جي فضائيه ۽ بعد ۾ رائل ايئر فورس ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هو 1948ع ۾ پاڪستاني عملدارن جي دعوت تي پولينڊ جي اٽڪل 30 ٻين پائليٽس، انجنيئرز ۽ ٽيڪنيڪي ماهرن سان گڏ پاڪستان آيو ۽ پاڪستان ايئر فورس جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ملاقات ۾ پولينڊ پاران پاڪستان ۾ پولينڊ جو سفير ميڪائيل پيسارسڪي، ملٽري ڪائونٽر انٽيلي جنس سروس جو سربراهه جنرل ياروسواف ستروزڪ، فارن انٽيلي جنس ايجنسي جو ڊپٽي سربراهه ڪرنل والڊيمار مولارچڪ ۽ وزيراعظم جي آفيس جي نيشنل سيڪيورٽي ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر ڪرنل ميچيسواف ماتيسياڪ شريڪ ٿيا. پاڪستان پاران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ اڳوڻو وفاقي وزير سيد نويد قمر ملاقات ۾ موجود هئا.











