صدر انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل گلبرٽ ايف هونگبو جي ملاقات، پاڪستان آءِ ايل او کي هڪ اسٽريٽجڪ حصيدار سمجهي ٿو: آصف علي زرداري

اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ محنت بابت عالمي اداري (آءِ ايل او) جي وچ ۾ روزگار، هنرمندي، سماجي تحفظ ۽ محفوظ ليبر مائيگريشن جي شعبن ۾ عملي ۽ ڪارائتي حصيداري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايل او کي هڪ اسٽريٽجڪ حصيدار سمجهي ٿو. هن اها ڳالهه انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي ڊائريڪٽر جنرل …

اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ محنت بابت عالمي اداري (آءِ ايل او) جي وچ ۾ روزگار، هنرمندي، سماجي تحفظ ۽ محفوظ ليبر مائيگريشن جي شعبن ۾ عملي ۽ ڪارائتي حصيداري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايل او کي هڪ اسٽريٽجڪ حصيدار سمجهي ٿو. هن اها ڳالهه انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي ڊائريڪٽر جنرل گلبرٽ ايف هونگبو سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته پاڪستان آءِ ايل او جي  ٽه ڌريي نظام ۽ سماجي ڳالهه ٻولهه کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن ڊيسنٽ ورڪ ڪنٽري پروگرام 27 – 2023ع جي اهميت کي اجاگر ڪندي روزگار، سماجي تحفظ، محنت جي معيارن ۽ ڪم جي جڳهه تي تحفظ سميت ان جي موثر لاڳو کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. صدر ڀرتي، هنرمندي جي تصديق، ايمپلائر ميچنگ، مائيگريشن جي خرچن، معاهدن، ٻاهرئين ملڪ تحفظ ۽ ٻيهر معاشري ۾ انضمام سميت سمورن رخن جو احاطو ڪندڙ جامع “پاڪستان فيئر اينڊ سيف ليبر مائيگريشن فريم ورڪ” جي تياري ۾ مدد جي درخواست ڪئي. هن “فرام اسڪلز ٽو گلوبل جابز” جي عنوان سان آءِ ايل او – پاڪستان حصيداري جي تجويز پڻ ڏني ته جيئن ٽيڪنيڪي ۽ پيشيواراڻي تربيت کي انهن ملڪن جي افرادي قوت جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪري سگهجي جتي پاڪستاني ڪارڪن خدمتون سرانجام ڏين ٿا ۽ انهن کي باوقار روزگار جا موقعا فراهم ڪري سگهجن. صدر آصف علي زرداري نار ملڪن، يورپ، اوڀر ايشيا ۽ ٻين اڀرندڙ منڊين سان ليبر مائيگريشن جا رستا کولڻ ۽ انهن کي مضبوط بڻائڻ ۾ آءِ ايل او جي مدد تي زور ڏنو. هن ليبر اسٽيٽسٽڪس بابت آءِ ايل او ڪنوينشن نمبر 160 جي پاڪستان جي توثيق جي روشني ۾ ملڪ جي ليبر مارڪيٽ انفارميشن سسٽم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پڻ آءِ ايل او کان تعاون طلب ڪيو. صدر گلبرٽ ايف هونگبو جي قيادت ۾ آءِ ايل او جي قدمن کي ساراهيو جن ۾ گلوبل ڪوليشن فار سوشل جسٽس، پليٽ فارم اڪانومي ۾ ڊيسنٽ ورڪ بابت ڪنوينشن نمبر 193 جي منظوري ۽ منصفاڻي ڀرتي ۽ ليبر مائيگريشن جي فروغ جي لاءِ ڪوششون شامل آهن. هن چيو ته اهي قدم پاڪستان جي وڏي نوجوان افرادي قوت ۽ تيزي سان وڌندڙ ڊيجيٽل ۽ فري لانس معيشت جي ڏس ۾ خاص اهميت رکن ٿا. هن مارچ 2025ع ۾ پاڪستان پاران آءِ ايل او جي ٽن اهم معاهدن جي توثيق جو پڻ ذڪر ڪيو جن ۾ جبري پورهئي جي ڪنوينشن جو 2014ع جو پروٽوڪول، ميري ٽائيم ليبر ڪنوينشن 2006ع ۽ ليبر اسٽيٽسٽڪس بابت آءِ ايل او ڪنوينشن نمبر 160 شامل آهن. صدر آءِ ايل او کي دعوت ڏني ته هو ٽيڪنيڪي معاونت، اداراجاتي سگهه ۾ اضافي ۽ ليبر مارڪيٽ بابت بهتر انگن اکرن جي ذريعي انهن عهدن کي موثر عملدرآمد ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪري. صدر چيو ته پاڪستان آءِ ايل او جي مدد سان قومي پيشيواراڻي صحت ۽ سلامتي پاليسي ۽ ان جي لاڳو جي فريم ورڪ کي حتمي شڪل ڏئي رهيو آهي. صدر آءِ ايل او جي سڌاراجاتي قدمن جي آجيان ڪئي جنهن جو مقصد اداري جي بنيادي مينڊيٽ ۽ ٽيڪنيڪي مهارت جو تحفظ ڪندي ان کي وڌيڪ موثر بڻائڻ آهي. هن عملي سان منصفاڻي رويي، جاگرافيائي توازن ۽ ملازمن جي غيررضاڪاراڻي خاتمي کي گهٽ کان گهٽ رکڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. گلبرٽ ايف هونگبو آءِ ايل او سان پاڪستان جي پراڻي تعاون کي ساراهيندي باوقار روزگار، سماجي انصاف، ليبر مائيگريشن، هنرمندي جي فروغ ۽ پيشيواراڻي صحت ۽ سلامتي جي شعبن ۾ پاڪستان سان گڏ ڪم جاري رکڻ جي لاءِ اداري جي راضپي جو ورجاءُ ڪيو. هن صدر کي آءِ ايل او جي ترجيحن ۽ پاڪستان سان جاري تعاون بابت پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ آءِ ايل او جو سينيئر ايڊوائيزر ميتومي ناڪا گومي ۽ پاڪستان ۾ آءِ ايل او ڪنٽري آفيس جو ڊائريڪٽر گير ٿامس ٽونسٽول پڻ موجود هئا. اوورسيز پاڪستانيز ۽ انساني وسيلن جي ترقي وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، اوورسيز پاڪستانيز ۽ انساني وسيلن جي ترقي وارو مملڪتي وزير محمد عون چوڌري، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا، اڳوڻو وفاقي وزير سيد نويد قمر، اوورسيز ۽ انساني وسيلن جي ترقي وارو وفاقي سيڪريٽري نديم اسلم چوڌري، وقتي پرڏيهي سيڪريٽري نبيل منير، ايمپلائرز فيڊريشن آف پاڪستان جو صدر ماجد عزيز ۽ آءِ ايل او گورننگ باڊي جو ڊپٽي ميمبر (ورڪرز) محمد سعد به ملاقات ۾ موجود هو.

مزید خبریں