پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ اضافو رڪارڊ

اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 01 پئسا واڌ ٿي آهي، جنهن کان پوءِ ان جي نئين قيمت 277.05 روپيا ٿي وئي آهي. انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي …

اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 01 پئسا واڌ ٿي آهي، جنهن کان پوءِ ان جي نئين قيمت 277.05 روپيا ٿي وئي آهي. انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جي قيمت 73.81 روپيا، جڏهن ته بحريني دينار جي قيمت 734.84 روپيا رهي. اهڙي طرح عماني ريال جي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ قيمت 719.63 روپيا رهي، ڪويتي دينار جي قيمت 899.08 روپيا ۽ قطري ريال جي قيمت 76 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 277.50 روپيا ۽ وڪري واري قيمت 278.10 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں