اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيا واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم، سلامتي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن تي خاص ڌيان ڏيندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي پرڏيهي آفيس، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن (ايف سي …
پاڪستان ۽ برطانيا پاران ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيا واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم، سلامتي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن تي خاص ڌيان ڏيندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي پرڏيهي آفيس، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن (ايف سي ڊي او) جي وچ اوڀر، اتر آفريقا، افغانستان ۽ پاڪستان بابت مملڪتي وزير اسٽيفن ڊائوٽي جو استقبال ڪيو. ڌرين پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، ان دوران واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم، سلامتي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته علائقائي ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري انتهائي اهم آهي. ٻنهي طرفن کان پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي ڳالهه ٻولهه جلد فعال بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.












