وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جي گڏيل صدارت هيٺ ڪڻڪ مئنيجمينٽ ڪميٽي جو پهريون اعليٰ سطحي اجلاس منعقد

اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جي گڏيل صدارت هيٺ ڪڻڪ مئنيجمينٽ ڪميٽي جو پهريون اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اڱاري ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته آبادگارن کي سندن محنت جو مناسب معاوضو يقيني بڻائڻ لاءِ ڪڻڪ جي اثرائتي …

اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جي گڏيل صدارت هيٺ ڪڻڪ مئنيجمينٽ ڪميٽي جو پهريون اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اڱاري ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته آبادگارن کي سندن محنت جو مناسب معاوضو يقيني بڻائڻ لاءِ ڪڻڪ جي اثرائتي امدادي قيمت ضروري آهي. هن چيو ته هارين کي معاشي طور تي مستحڪم بڻائڻ ۽ زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ سبسڊي ضروري آهي. ڪڻڪ جي قيمت جو تعين هارين جي پيداواري لاڳت ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪڻڪ جي وڏي مقدار ۾ پيداوار اسان جي ترجيح آهي. ڪڻڪ جي قيمت جي تعين تي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ قومي اتفاق راءِ ضروري آهي. هن چيو ته هارين جي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪڻڪ جي خريداري جو شفاف ۽ موثر نظام يقيني بڻائڻو پوندو، ملڪ ۾ ڪڻڪ جي بنا ڪنهن وقفي جي دستيابي لاءِ مناسب اسٽريٽجڪ ذخيرا برقرار رکڻ ضروري آهي. ڪڻڪ جي قيمتن ۾ استحڪام ۽ صارفين کي مناسب اگهن تي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جي جامع انتظام لاءِ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ موثر رابطو ۽ گڏيل حڪمت عملي ضروري آهي.

مزید خبریں