عراق ۽ ترڪيه تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ سهڪار لاءِ ڊگهي مدي واري معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون

بغداد- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) عراق ۽ ترڪيه تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ سهڪار لاءِ ڊگهي مدي واري معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب عراق جي تيل واري وزير باسم خضير ۽ ترڪيه جي توانائي واري وزير الپ ارسلام بايراڪتار انقره ۾ ملاقات ڪئي. عراق جي تيل واري وزارت موجب ملاقات دوران تيل ۽ گيس جي بنيادي ڍانچي جي ترقي، پيٽرو ڪيميڪل …

بغداد- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) عراق ۽ ترڪيه تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ سهڪار لاءِ ڊگهي مدي واري معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب عراق جي تيل واري وزير باسم خضير ۽ ترڪيه جي توانائي واري وزير الپ ارسلام بايراڪتار انقره ۾ ملاقات ڪئي. عراق جي تيل واري وزارت موجب ملاقات دوران تيل ۽ گيس جي بنيادي ڍانچي جي ترقي، پيٽرو ڪيميڪل صنعت ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جي شعبن ۾ ٻه طرفو سهڪار مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. هرمز جي بندش کان پوءِ عراق جي تيل جي روانگي واپار ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کان پوءِ بغداد متبادل رستن ذريعي پنهنجي تيل جو روانگي واپار جاري رکڻ ۽ ترڪيه سان ڊگهي مدي واري سهڪار کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ٻنهي ملڪن انهن ڏکيائين کان بچڻ لاءِ متبادل رستن جو رخ ڪيو آهي.